English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران مختلف علائقن ۾ چونڊ ورڪ جاري، رھواسين پاران شاندار استقبال
views
|
17th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران مختلف علائقن ۾ چونڊ ورڪ جاري، رھواسين پاران شاندار استقبال
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي مختلف ڳوٺن ھٽڙي، ٽنڊو سعيد خان، ڇلگري، ٻڍاڻي،مسوڀرڳڙي واڻڪي وسي، گيلو نوناري، فضل ٻاگھل، رامچند لانڍي، نيو سٽي چوڪ، صالح ٻاگھل ۾ پھتو تہ ڳوٺاڻن گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس سنڌ جي ثقافت اجرڪن، لنگهين، سنڌي ٽوپين جا تعفا ڏنا، اياز لطيف پليجو گهر گهر، دڪانن تي پيادل وڃي اليڪشن ورڪ ڪيو. ڳوٺاڻن اياز لطيف پليجو کي ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي گڏ ٿيل ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تبديل پئي ٿي سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي مان سخت بيزار آھي.8 فيبروري تي سنڌ تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي شڪست ٿيندي، خوشحالي، حق، سچ، انصاف، ميرٽ ۽ سنڌ کي تبديل ڪرڻ جي شروعات ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي بار بار اقتدار اچڻ باوجود سنڌ کي ترقي ڏيڻ بدران تباھي،بربادي کانسواءِ ڪجھ بہ ناھي ڏنو. شھيدن، جمھوريت ۽ اٽي، اجهي ۽ خوشحالي جي نالي ۾ اليڪشن کٽي وري سنڌ جي عوام سان دوکو ڪندي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ صحيح عوامي سياست سان سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪري سگھجي ٿو. بار بار اقتدار ۾ ايندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڪرپٽ ايم پي ايز، ايم اين ايز، وزيرن ۽ سينيٽرن وٽ سنڌ جي خوشحالي جو ڪو بہ پروگرام ناھي، انھن وٽ ڪرپشن جون اسڪيمون آھن، جيڪو بہ ڪم ڪيو وڃي ٿو، اھو ڪرپشن لاءِ ڪيو وڃي ٿو، جنھنڪري ڳوٺن جا روڊ کنڊر بنيل آھن. سڄو فراڊ جو سسٽم ھلايو پيو وڃي. ان کي حقيقي عوامي ٻڌي سان زرداري ٽولي کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
QAT
ayaz latif palejo
0 تبصرے