نوشھروفيروز ۾ اسڪارپ ٽيوب ويل ملازمن جو وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

نوشھروفيروز ۾ اسڪارپ ٽيوب ويل ملازمن جو وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

نوشھروفيروز ۾ اسڪارپ ٽيوب ويل ملازمن جو وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز (ڊر) اسڪارپ ٽيوب ويل ملازمن بدامني، چورين ۽ ڦرن خلاف احتجاج ڪيو. اسڪارپ جي ملازمن ضلعي ۾ بدامني ڦرن ڌاڙن ۽ ڏوهن خلاف ٽيوب ويل ڊويزن جي آفيس آڏو مظاھرو ڪيو. ملازمن ڪي ڪي ابڙو، سيد ظفر علي شاھ، عرفان چنا ۽ ورڪرز ليبر يونين جي اڳواڻ امجد تڳر چيو ته ضلعو جي امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي ڦرون چوريون عام ٿي رهيون آهن ڪا رات ۽ ڏينهن خالي نه آهي جو وارداتون نه ٿيون ٿين. هنن جو چوڻ هو ته اسڪارپ جي اسٽينو ڪلارڪ ڪي ڪي ابڙو کان ڪالھ صبح جو موٽر سائيڪل ڦورون هٿيارن جي زور تي ڦري ڪري فرار ٿي ويا آهن پر هن مهل تائين پوليس جوابدار پڪڙي نه سگهي آهي هنن جو چوڻ هو ته پوليس ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري ٿيندڙ ڏوهن جي روڪٿام لا۽ اقدام کڻي هنن آءِ جي سنڌ. ڊي آءِ جي شهيد بي نظير آباد. ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ اعليٰ اختيارين کان پرزو مطالبو ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪري موٽر سائيڪل جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي.