حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ملھھ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملاکڙي جا مقابلا

حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ملھھ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملاکڙي جا مقابلا

حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ملھھ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملاکڙي جا مقابلا

حيدرآباد (بيورو) حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران سنڌ ۾ مله راند کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملاکڙي جا مقابلا ڪرايا ويا، سيشن بار لان ۾ ٿيل ملاکڙي دوران ملهه پهلوانن هڪٻئي کي ملهون ماري خوب داد وصول ڪيو، ملاکڙي دوران هڪٻئي کي ملهون ماريندڙ پهلوانن کي وڪيلن پاران حوصلا افزائي لاءِ روڪ رقم ۽ شيلڊون به ڏنيون ويون ، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ڪي بي لغاري، وڪيل وحيدر ڪرن شورو ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ مله سنڌ جي قديمي راند آهي، وڪيلن جي خواهشن کي نظر ۾ رکندي ملاکڙو منعقد ڪرايو ته جيئن ملهه راند کي هٿي ملي سگهي، سرڪار ملهه پهلوانن جي سار سنڀال نٿي لهي جنهن ڪري هو ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ملهه پهلوانن جي سار سنڀال لهڻ سان گڏ کين ساليانه وظيفو ادا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي زندگي آساني سان گذاري سگهن گذر سفر ميلن ۽ ملاکڙن سان سلهاڙيل آهي پر سنڌ ۾ ملاکڙا تمام گهٽ تعداد ۾ منعقد ٿين ٿا ان ڪري معاشي طور بدحال آهيون.