جھمپير ويجھو مبينا کنڀيل ٻن نوجوانن جي ڀان سيد آباد ٿاڻي تي گرفتاري ظاھر، وارثن جو احتجاج

جھمپير ويجھو مبينا کنڀيل ٻن نوجوانن جي ڀان سيد آباد ٿاڻي تي گرفتاري ظاھر، وارثن جو احتجاج

جھمپير ويجھو مبينا کنڀيل ٻن نوجوانن جي ڀان سيد آباد ٿاڻي تي گرفتاري ظاھر، وارثن جو احتجاج

ٺٽو(ڊر) ھڪ ھفتو اڳ يوسي جھمپير جي قديمي ڪوھستاني ڳوٺ گودڙ خان جاکرو ڍڳي فارم تي لوڻي ڪوٽ ۽ نوري آباد پوليس پاران وڏن پوليس اٽالن سان گڏ چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھرن ۾ گھڙي ڀڃ ڊاھ ڪري 2 نوجوانن ارشد عرف قربان علي جاکرو ولد علي دوست جاکرو ۽ مظفر علي ولد عبدالله جاکرو کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد لوڻي ڪوٽ ٿاڻي تي گم ٿي ويل نوجوانن جي وارثن پاران عدالتي ڇاپي بعد سندن گرفتاري ڀان سعيد اباد ٿاڻي تي ظاھر ڪري مٿن Z. 21 گٽڪا پڙين جو منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين سب جيل سيوھڻ ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو آھي، ٻئي طرف لوڻي ڪوٽ ۽ نوري آباد پوليس پاران گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد ڀان سعيد آباد تي گرفتاري ظاھر ڪندڙ نوجوانن ارشد عرف قربان علي جاکرو ۽ مظفر علي جاکرو جي وارثن حاڪم علي جاکرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ ھڪ ھفتو اڳ لوڻي ڪوٽ ۽ نوري آباد پوليس بااثر ماڻھن جي ونگار وھندي سندن ڳوٺ گودڙ خان جاکرو ڍڳي فارم تي ڌاڙيلن جيان ڪاھ ڪري سندن گھرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري ھڪ نئين 125 موٽر سائيڪل، 2 قيمتي موبائل فونون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻڻ سميت سندن 2 نوجوان ارشد عرف قربان علي جاکرو ۽ مظفر علي جاکرو کي گرفتار ڪري کڻي وڃڻ بعد گم ڪري ڇڏيو، جنھن بعد ھنن لوڻي ڪوٽ ٿاڻي تي پنھنجي نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ لاء عدالتي ڇاپو لڳرايو پر سندن نوجوان پوليس وٽان برآمد ٿي نہ سگھيا ۽ ھاڻي انھن جي گرفتاري ڀان سعيد اباد ٿاڻي تي پوليس ظاھر ڪري انھن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ھٿ ٺوڪيو ڪيس داخل ڪري سندن نوجوانن کي سب جيل سيوھڻ ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو آھي، جن تي لوڻي ڪوٽ ۽ نوري آباد پوليس پاران حد کان وڌيڪ تشدد ڪيو ويو اھي، جن جي حالت پڻ خراب آھي، جن کي علاج جي سخت ضرورت آھي، پر سندن علاج بہ نٿو ڪرايو وڃي، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي اھي، ھن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو ۽ ڄامشورو کي اپيل ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن ٻنھي نوجوانن ارشد عرف قربان علي جاکرو ۽ مظفر علي جاکرو مٿان داخل ھٿ ٺوڪيو ڪيس ختم ڪري کين ازاد ڪرڻ سميت کين بلاجواز گرفتار ڪري تشدد ڪندڙ لوڻي ڪوٽ ۽ نوري آباد پوليس خلاف ڪاروائي ڪري کين پوليس توڙي بااثر ماڻھن جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي. بئي صورت ۾ انصاف لاء عدالت ۾ ويندا.