غوثپور ويجھو پراسرار نموني گم ٿيل شاگرد جي اغوا جي تصديق

غوثپور ويجھو پراسرار نموني گم ٿيل شاگرد جي اغوا جي تصديق

غوثپور ويجھو پراسرار نموني گم ٿيل شاگرد جي اغوا جي تصديق

غوثپور (رپورٽر) غوثپور ويجهو پنج ڏينھن اڳ مبينا گم ڄاڻايل آر ڊي 219 پل واري علائقي جي ڳوٺ لال محمد ميراڻي جو رھواسي اسڪولي شاگرد عرفان ميراڻي جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي ڌاڙيلن پاران مغوي جي آزادى لاء مغوى جى وڏي ڀاءُ الله بخش ميراڻي کي موبائل فون وسيلي ڪال ڪري 20 لک روپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي ڀنگ واري رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان جو لاش اماڻڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني ويئي آهي مغوي عرفان ميراڻي جي ڀاءُ رابطو ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته اغوا ڪار ٽولي پاران فون وسيلي لکين روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي ۽ اغوا ڪار ٽولي پاران فون ڪري اهيو به چيو آهي ته انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري پوليس تي پريشر وجهو يا ڀنگ واري رقم گڏ ڪري پنهنجي ڀاءُ کي آزاد ڪرايو مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته انتهائي غريب آهيون مڇي ماري پيٽ جو سفر گذر ڪندا آهيون ڀنگ واري رقم ڏيڻ جيتري سڳھ ناهي اسان جو ڀاء پنج ڏينھن اڳ پنهنجي ڳوٺ کان دبئي هوٽل تان ماني ۽ کير وٺڻ لاءِ ويو هو ته ھٿياربندن ھٿان مبينه طور اغوا ٿي ويو وڌيڪ مغوي جي وارثن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي اسانجي مغوي کي بازياب ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي واضع رهي ته غوثپور سميت ڪشمور ضلعي جي مختلف شهرن مان مبينا طور اغوا ٿي ويلن مغوين جو انگ ڏھ بڻيل آهي پر ڪشمور ضلعي جي پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ هن وقت تائين ڪچي وارن علائقن ۾ ڪو آسرائتو آپريشن ڪري مغوين جي بازيابي ناهي ڪرائي سگهي جنھن سبب سمورن مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي