نوشھروفيروز: مٺياڻي روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ليڊي ھيلٿ ورڪر فوت

نوشھروفيروز: مٺياڻي روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ليڊي ھيلٿ ورڪر فوت

نوشھروفيروز: مٺياڻي روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ليڊي ھيلٿ ورڪر فوت

نوشهروفيروز(ڊ ر) مٺياڻي روڊ تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ليڊي ھيلٿ ورڪر زاھده پنھور فوت ٿي وئي. ليڊي هيلٿ ورڪر پنھنجي مڙس سان گڏ پوليس ڊيوٽي تي وڃي رھي ھئي ته حادثو پيش آيو. ليڊي هيلٿ ورڪر کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو جتي ليڊي هيلٿ ورڪر زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي وئي. ضروري قانوني بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ي طرف ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن محمد سجاد حيدر اڄ نوشهروفيروز جي ڳوٺ دليپوٽا ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ليڊي هيلٿ ورڪر جي سوگوار پونئرن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اسدالله ڪلهوڙو، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ايريا ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر جهانگير ڪورائي ۽ ٻيا آفيسر به ڪمشنر سان گڏ هئا، جن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومہ جا درجات بلند فرمائي ۽ وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته فوتي اسان جي فرنٽ لائن پوليو ورڪر هئي ۽ سندس حادثاتي موت سبب ضلعي جو ماحول سوڳوار آهي. واضح رهي ته فوتي عورت مڙس سان گڏ ڊيوٽي تي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ سخت ڪوهيڙي سبب حادثو پيش آيو، جنهن کي فوري طور تي سول اسپتال نوشهروفيروز پهچايو ويو پر هوءَ بچي نه سگهي.