مورو جي وارڊ 2 ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري پاران ڪارنر گڏجاڻي منعقد

مورو جي وارڊ 2 ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري پاران ڪارنر گڏجاڻي منعقد

مورو جي وارڊ 2 ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري پاران ڪارنر گڏجاڻي منعقد

مورو(جاني جماڻي)مورو شھر جي وارڊ نمبر 2 جي ڪارنر گڏجاڻي جو اھتمام مورو جي معزز شخصيت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سرگرم ورڪر ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري پاران زون جي مقرر ڪيل تنظيمي اڳواڻن جي مان تقريب رکي وئي جنھن جي صدارت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ميونسپل ڪاميٽي مورو چيئرمين نظير احمد ميمڻ، پي پي سٽي صدر سيد ڪاظم علي شاھ ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو علي گوھر ڏاھري، سابق سٽي صدر علي اڪبر سمون، ڊاڪٽر غلام شبير چوھاڻ، حاجي لياقت علي سرھيو، پروفيسر محمد خان ڏاھري، ڪائونسلرن غلام حسين سولنگي، محمد بخش ھليو، خادم حسين بالادي، رمضان سابقي، علي اڪبر وينجھر،صحافي جاني جماڻي ظفر پنهور عارف يوسفزئي جاني مورائي وحيد مستوئي رائو عزيز سميت وارڊ جي معزز رھواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي تہ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جمھوري پارٽي آھي جيڪا عوامي خدمت جو جذبو رکي ٿي ۽ انھي پارٽي ملڪ جي ترقي ڏياري نوجوانن کي روزگار فراھم ڪيا آھن، روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري کي اپنائيندي بي گھرن کي اجھا ڏنا آھن، انگ اگھاڙن کي لٽو ڏنو آھي ۽ بيواھن يتيمن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وظيفو ڏئي انھن کي اھنجن تڪليفن مان ٻاھر ڪڍيو آھي، ھنن چيو تہ مورو کي تعمير ڪري ترقي ڏيارڻ سان گڏ عوام جي شڪايتن کي بروقت حل ڪري انھن کي سھولتون ڏيارڻ ۾ ضياءَ الحسن لنجار ڪوشش ورتي ۽ اڄ اسان جا علائقا ترقي يافتہ بڻجي چڪا آھن ۽ جيڪي رھيل ڪم ڪار آھي انشاءَالله اھي بہ جلد مڪمل ڪرايا ويندا ھنن چيو تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي عوامي سمنڊ جو لقب ڏنو ان مان اھا اميد آھي تہ اھا ھاڻي بہ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو ۽ انشاءَالله ھن ملڪ جو وزير اعظم پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ٿيندو. جڏھن تہ آيل مھمانن کي گلن جا ھار پارائي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.