مورو ۾ ھندو ناري مبينا طور مذھب مٽائي پرڻو ڪري ڇڏيو

مورو ۾ ھندو ناري مبينا طور مذھب مٽائي پرڻو ڪري ڇڏيو

مورو ۾ ھندو ناري مبينا طور مذھب مٽائي پرڻو ڪري ڇڏيو

مورو (رپورٽر) مورو ۾ ھندو برادري سان تعلق رکندڙ ناري پوڄا ڌي سونو ٺڪر اسلام قبول ڪرڻ بعد نديم علي ولد غلام مصطفيٰ مشوري سان نوابشاہ جي عدالت م پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو ان موقعي تي پريمي جوڙي ٻڌايو تہ مون کي ڪنھن بہ ورغلايو ناھي نہ وري ڪنھن اغوا ڪيو آھي مان پنھنجي رضا خوشي سان اسلام قبول ڪري نديم علي سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي ء ھاڻي منھنجو نالو مريم زال نديم علي آھي مان مسلمان ٿي چڪي آھيان پر منھنجي ھن فيصلي تي منھنجا مائٽ ناراض ٿي پيا آھن موت مار ڌمڪيون ڏيندي اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪري رھيا آھن. ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ اسان پنھنجي زندگي م خوش آھيون. ھن وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ منھنجي مائٽن کان اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي..