ڪراچي: سجاس جي وفد جي ڪراچي پريس ڪلب آمد، نون چونڊيل عھديدارن کي مبارڪون ڏنيون

ڪراچي: سجاس جي وفد جي ڪراچي پريس ڪلب آمد، نون چونڊيل عھديدارن کي مبارڪون ڏنيون

ڪراچي: سجاس جي وفد جي ڪراچي پريس ڪلب آمد، نون چونڊيل عھديدارن کي مبارڪون ڏنيون

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عھديدارن کي سجاس پاران مبارڪباد ڏني وئي، ڪالھھ ڪراچي پريس ڪلب تي پھچي اسپورٽس جرنلسٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي شاھد ساٽي، آصف خان، ڪلثوم جھان، محمود، مقصود، زبير نذير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد دي ڊيموڪريٽس جي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل عھديدارن قائم مقام صدر رشيد ميمڻ، سيڪريٽري شعيب احمد، خزانچي احتشام قريشي، گورننگ باڊي جي ميمبر شمس ڪيريو، شازيھ حسن، نواب قريشي، شعيب احمد، نور محمد ڪلھوڙو، ميمونا صديقي ۽ رانا جاويد کي مبارڪباد ڏني ۽ گلدستو پيش ڪيو ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي وفد سان ڳالھائيندي قائم مقام صدر رشيد ميمڻ ۽ سيڪريٽري شعيب احمد چيو تھ سجاس کي ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن جي راندين جي سرگرمين لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، انھيءَ ۾ انڊور گيمز بھ شامل ھجن ۽ انھن جا مقابلا ڪرايا وڃن، ھنن وڌيڪ چيو تھ ان حوالي سان عورت ميمبرز جي سرگرمين کي ڀرپور نموني سان واڌيو وڃي ۽ ڪلثوم جھان جي اڳواڻي ۾ عورتن جي راندين کي ھٿي وٺرائي وڃي، سجاس جي وفد جي اڳواڻن شاھد ساٽي، آصف خان، محمود، مقصود، زبير نذير ۽ ٻين چيو تھ صحت مند ماحول جي لاءِ راندين کي ھٿي ڏيڻ تمام گھڻو ضروري آھي، سجاس راندين جي حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب سان ھر ممڪن تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آھي، ھنن تجويز ڏيندي چيو تھ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن جي صحتمند سرگرمين جي لاءِ ھر چئن مھينن بعد راندين جون سرگرميون ڪرايون وڃن تھ بھتر آھي ڇاڪاڻ تھ سال ۾ ھڪ ڀيرو راندين جو ايونٽ ڪرايو ويندو آھي پر ميمبرن جي تعداد کي نظر ۾ رکندي پريس ڪلب کي ھر چئن مھينن بعد راندين جا مقابلا ڪرائڻ گھرجن. ان موقعي تي سينيئر صحافي اي ايڇ خانزادو ۽ ٻيا موجود ھئا.