English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو
204 views
|
04th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو
نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي کوٽ خلاف جسقم پاران ڌرڻو ھنيو ويو. ڊي سي آفيس نوشهروفيروز جي گيٽ آڏو لڳل ڌرڻي ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، اياز راڄپر، فريد لاشاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پئدا ڪري زراعت کي تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ آبادگارن کي معاشي طور ڪچليو پيو وڃي. ھنن چيو ته ضلع انتظاميه ڀاڻ ڊيلرن سان ملوث آھي. جنھن ڪري انھن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن چيو ته ضلع نوشهروفيروز ۾ 9 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ جي پوکي ٿي آھي جنھن لاءِ 6 لک ٻورين کان وڌيڪ ڀاڻ گھربل آھي پر ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پئدا ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي پريشان ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته گذريل سال وڏي برسات زراعت کي تباھ ڪيو ۽ ھن سال ھٿرادو ڀاڻ جي کوٽ زراعت کي تباھ ڪري رھي آھي پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آھي. ھنن چيو ته زرعي ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي گھربل ڀاڻ مھيا ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
ڀاڻ جي کوٽ
سنڌ ۾ زرعي
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
JSQM
kalani
0 تبصرے