ميرپورخاص: عام چونڊڻ لاءِ اين اي 211 تي فارم ڀريندڙ راڌا ڀيل سميت 4 اميدوارن جا فارم منظور

ميرپورخاص: عام چونڊڻ لاءِ اين اي 211 تي فارم ڀريندڙ راڌا ڀيل سميت 4 اميدوارن جا فارم منظور

ميرپورخاص: عام چونڊڻ لاءِ اين اي 211 تي فارم ڀريندڙ راڌا ڀيل سميت 4 اميدوارن جا فارم منظور

ميرپورخاص اليڪشن 2024 لاء اميدوارن پاران فارم جمع ڪرائڻ بعد ڪاغزن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جي عمل جي ٽئين ڏينهن قومي تڪ اين 211 تي 4 اميدوارن منظور احمد,عثمان مغل,سنجي پارواڻي ۽ راڌا ڀيل جا فارم بحال ٿي ويا جڏهن ته اين اي 211 تي بحال ٿيل فارمن جو انگ 14 ٿي ويو,ساڳئي طرح صوبائي تڪ پي ايس 45 تي ڪاغزن جي ڇنڊڇاڻ بعد ٽئين ڏينهن 10 اميدوارن آفاق احمد خان,عمران مرزا,عاصم آفريدي,حارث راجپوت,غزاله يوسف سميت ٻين جا فارم بحال ٿي ويا,جڏهن ته صوبائي پي ايس 45 تي بحال ٿيل فارمن جو انگ 22 ٿي ويو, صوبائي تڪ پي ايس 46 تي ڪاغزن جي ڇنڊڇاڻ بعد ٽئين ڏينهن 4 اميدوارن جنت,سائره جميل,راڌا ڀيل ۽ علي گوهر مري جا فارم بحال ٿي ويا,جڏهن ته صوبائي تڪ پي ايس 46 تي بحال ٿيل فارمن جو انگ 12 ٿي ويو آهي,