سنڌ جي برک اديب، ڪھاڻيڪار رسول بخش درس جي 3 ورسي جھمپير ۾ ملهائي ويئي

سنڌ جي برک اديب، ڪھاڻيڪار رسول بخش درس جي 3 ورسي جھمپير ۾ ملهائي ويئي

سنڌ جي برک اديب، ڪھاڻيڪار رسول بخش درس جي 3 ورسي جھمپير ۾ ملهائي  ويئي

ٺٽو(شفيق ڀٽي) سنڌ جي برک اديب، ڪھاڻيڪار رسول بخش درس جي 3 ورسي جھمپير ۾ ملهائي ويئي، جنھن ۾ صوفي سنگت سنڌ جي سرواڻ قومپرست اڳواڻ آڪاش ملاح، ايڊوڪيٽ اندرجيت لوھاڻا، تاريخدان صادق علي پالاري، پريس ڪلب جهمپير جو سرپرست اعليٰ نظير احمد پالاري ،جسقم اڳواڻ اسد گوپانگ، پي ٽي آء اڳواڻ عرس پالاري، محمد امين ميربحر، جئي راج ڪمار ،مشڪور عالم پالاري، ميان بخش پالاري ۽ سندس گهر ڀاتين سارنگ درس، اسماعيل درس، راول درس ۽ ٻين سائين رسول بخش درس جي مزار تي پھچي سندس ٽئين ورسي جي مناسبت سان مزار تي گلن جي چادر چاڙھي سنڌ جو ترانو پڙھي کيس ڀيٽا ڏيئي سلامي پيش ڪئي ويئي، ان موقعي تي مقررين سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار، نثر نويس ۽ اديب جھمپير جي رھواسي سائين رسول بخش درس جي ٽئين ورسي کي خطاب ڪندي چيو تہ ناميارو ڪھاڻيڪار رسول بخش درس 10 جون 1953ع تي جهمپير شھر ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ھن ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جهمپير مان پاس ڪرڻ بعد انٽر ڊگري ڪاليج ٺٽي مان ۽ B. A سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين، بعد ۾ ايم. اي (سنڌي) ٻي پوزيشن سان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جو آغاز پرائمري استاد طور نومبر 1973ع کان ڪيو. ملازمت دوران 1980ع کان 1991ع تائين لرننگ ڪوآرڊينيٽر ۽ سپروائيزر به رهيو. 1992ع کان 2002ع تائين هاءِ اسڪول جهمپير ۾ استاد ۽ 2002ع کان رٽائرڊ مينٽ تائين سنڌيءَ جو مضمون اسپيشلسٽ طور پڙهيائين، رسول بخش درس بنيادي طرح ڪهاڻيڪار ھو، سندس پهرين ڪهاڻي 1977ع ڌاري ماهوار رسالي ’تحريڪ‘ ۾ ڇپي، سندس وقت بوقت ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون ڇپجندا رهيا آهن. ان کان سواءِ سندس ڪيترين ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل ڏئي سنڌي چئنلن تان سولو پليز نشر ڪيا ويا آهن. رسول بخش درس، عبدالعزيز ’اثر‘ سولنگيءَ سان گڏجي ’سرسوتي‘ نالي ڪجهه رسالا به ڇپرايا هئا، ھنن چيو تہ رسول بخش درس جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سهائيءَ جي سوڀ‘ (1980ع) ۽ ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ’ساٿ جي موسم‘ (2005ع) شايع ٿي چڪا آهن. رسول بخش درس خاڪا نويسيءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. سندس ڪجهه خاڪا ’سنڌ هيرن کاڻ‘ نالي سان ڪتابي صورت ۾ (2005ع) شايع ٿيا. انهيءَ ڪتاب جو ٻيو حصو ساڳئي نالي سان ثقافت کاتي حڪومت سنڌ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو ’سهائي جي سوڀ‘ ڪجهه نين ڪهاڻين سميت ٻيهر ڇپائي هيٺ آهي. رسول بخش درس موسيقيءَ سان وڏي دلچسپي رکندڙ ھو، ھن جهمپير ۾ ادبي محفلون ۽ ڪچهريون رچائڻ ۽ هر آيل مهمان جو دلي آڌر ڪرڻ سندس مشغلو رهيو آهي. سندس وڇوڙي سڀني کي جھوري وڌو آھي، سندس خال صدين تائين ڀرجي نہ سگھندو، ھنن چيو تہ اسان رسول بخش درس جي ڪيل خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، سندس خدمتون ھميشہ ياد رھنديون.