English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
4 views
|
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايجنٽ، ڊيٽا انٽري آپريٽر، فوٽوگرافر ۽ سيڪيورٽي گارڊ گرفتار، شهرين کان 4 کان 5 هزار رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)وفاقي تحقيقاتي اداري ملير جي ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي مبينا ڪرپشن نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو ۽ 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ٿيلن ۾ ايجنٽ، ڊيٽا انٽري آپريٽر، فوٽوگرافر ۽ سيڪيورٽي گارڊ شامل آهن ايف آءِ اي جي ترجمان موجب ابتدائي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته شهرين کان پاسپورٽ جي ڪم ۾ غيرقانوني سهولت فراهم ڪرڻ عيوض 4 کان 5 هزار رپيا رشوت ورتي ويندي هئي. جوابدار رشوت وٺي غيرقانوني طريقي سان پاسپورٽ جي پروسيسنگ ڪرائيندا هئا جڏهن ته سيڪيورٽي گارڊ رشوت جي رقم لاڳاپيل اهلڪارن تائين پهچائڻ ۾ ملوث هئا ترجمان موجب جوابدارن خلاف انسدادِ بدعنواني قانونن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪرپشن نيٽ ورڪ جي ٻين سهولتڪارن جي ڳولا لاءِ جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ رشوتخوري خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته هن ڪيس ۾ وڌيڪ گرفتارين جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪ
0 تبصرے