ڏھرڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج، تحفظ جي گھر

ڏھرڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج، تحفظ جي گھر

ڏھرڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج، تحفظ جي گھر

ڏهرڪي(عمران علي ملڪ) ڏهرڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ پنجاب واسڻ ناري جو پريمي نوجوان سان گڏجي احتجاج آء جي پنجاب ۽ سنڌ کان نوٽس وٺي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو مون پنهنجي رضا خوشي سان گهران نڪري پنوعاقل واسي نوجوان نويد احمد سان گهوٽڪي جي عدالت ۾ نڪاح ڪري پرڻو ڪيو آهي جنهن تي پنجاب جي شهر گجرات جي پوليس منهنجي وارثن جي وينگار وهندي گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي مڙس جي ڀاڻيوئي کي کنڀي کڻي وئي آهي ناري لائيبه خبر موجب ڏهرڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ پنجاب جي شهر کاريان واسڻ ناري لائيبه پنوعاقل واسي پنهنجي پريمي نوجوان نويد احمد سان گڏجي ميڊيا وٽ پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجي موبائل فون تي نوجوان نويد احمد سان دوستي ٿي جنهن بعد اسان جو هڪ سال موبائل تي رابطو ٿيڻ بعد هڪ مهينو اڳ پنهنجي رضا خوشي سان گهران نڪري نوجوان نويد احمد سان گهوٽڪي جي عدالت ۾ نڪاح ڪري پرڻو ڪيو آهي جنهن تي پنجاب جي شهر گجرات جي پوليس منهنجي گهر ڀاتين جي وينگار وهندي منهنجي مڙس جي گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي مڙس جي ڀاڻيوي فهميد کي کنڀي کڻي وئي آهي جڏهن ته پوليس ج پاران نوجوان فهميد کي گرفتار ڪرڻ بعد هاڻ منهنجا چاچا ۽ ڀائر اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن جي ڪري اسان قتل جي خوف کان در پڌري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون جوڙي آء جي پنجاب ۽ آء جي سنڌ ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پنجاب پوليس جي زيادتين جو نوٽس وٺي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي