ڪراچي: گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ ڇڪتاڻ واري واقعي جو متاثرن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي: گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ ڇڪتاڻ واري واقعي جو متاثرن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي: گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ ڇڪتاڻ واري واقعي جو متاثرن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناردرن بائي پاس تي ٻوڏ متاثرن جي گلشن سيد ٽينٽ کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن ۽ ان دوران هنگامي ۾ هڪ نينگر جي مارجڻ ۽ هڪ نينگر جي زخمي ٿيڻ وارو معاملو گلشن معمار ٿاڻي تي 17 ڄاتل سڃاتل ۽ 200 نامعلوم ماڻهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيس ۾ نينگر جي قتل ۽ اقدام قتل سميت ٻيا قلم به شامل ڪيا ويا ڪيس ايم ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيٽ انفورسمينٽ جاويد حسين جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو تھ اسان ايم ڊي اي ۽ پوليس سان گڏ تيسر ٽائون گلشن معمار ۾ زمين تان قبضو ڇڏائڻ پهتاسين ان دوران سيد احمد شاهه ڪاظمي، محمد اسحاق، محمد اسماعيل، امان خان، فريد مگسي، ولايت خان، اڪبر شاهه، عبدالنبي چانڊيو، خان چانڊيو، سميع سپريو، شاهزيب، انور بروهي، دلدار مگسي، فتاح مگسي، مظفر مگسي، عبداللہ چنا، ڏنڊن، هٿيارن ۽ ڪهاڙين سان ليس هئا، جن اسان کي ڏسي حملو ڪري ڏنو، پٿراء سبب اهلڪار عارف ۽ ايڪسيويٽر ڊرائيور طفيل زخمي ٿي پيااسان وڌيڪ نفري طلب ڪئي ته لينڊ گريبرن 150 کان 200 ڄڻن سان گڏ ڏنڊن، ڪهاڙين ۽ پٿرن سان حملو ڪري ڏنو ۽ سڌي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس شيلنگ ڪئي ته جوابدار فرار ٿي ويا، جوابدارن جي فائرنگ ۾ 2 نينگر زخمي ٿي پيا، جن مان يونس چانڊيو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سانول جو علاج هلندڙ آهي لينڊ گريبرن جي حملي ۾ پوليس ۽ ايم ڊي اي جي گاڏين کي به نقصان پهتو آهي