سنڌ ميمڻ اتحاد جو راول ھائوس راھوڪي تي ڪنوينشن، شرجيل انعام ميمڻ جي شاندار آجيان

سنڌ ميمڻ اتحاد جو راول ھائوس راھوڪي تي ڪنوينشن، شرجيل انعام ميمڻ جي شاندار آجيان

سنڌ ميمڻ اتحاد جو راول ھائوس راھوڪي تي ڪنوينشن، شرجيل انعام ميمڻ جي شاندار آجيان

ٽنڊوڄام، مرڪزي سنڌ ميمڻ اتحاد ڪنوينشن راول ھائوس راھوڪي تي ٿيو، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ميزباني ھيٺ سنڌ ميمڻ اتحاد ڪنوينشن ٿيو، جنھن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان ميمڻ وڏي تعداد ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيا ڪنوينشن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ميمڻ برادريءَ جي ھزارين ماڻھن ۽ عورتن پاران بھ شرڪت

شرجيل انعام ميمڻ جو پنڊال پھچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو،اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي سنڌ ميمڻ اتحاد سرواڻ جي پڳ ٻڌائي وئي،

شرجيل انعام ميمڻ کي سنڌ ميمڻ اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ سردار اياز ميمڻ، جگنو ميمڻ، سجاد امداد ميمڻ پڳ ٻڌرائي،

شرجيل انعام ميمڻ کي سنڌ ميمڻ اتحاد سرواڻ جي پڳ ٻڌائڻ کان پوء ميمڻ برادرين ميمڻ خوشي جي لهر

شرجيل انعام ميمڻ مرڪزي ميمن ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙ ميمن برادري کي خطاب ڪندي چيو تھ مان ٿورائتو آهيان سڄي سنڌ مان آيل ميمن برادري جو جن مرڪزي سنڌ ميمن ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي

هن جاءِ تي ڏيپلائي، ڪاٺياواڙ ميمڻ ۽ ٻيا ميمن برادري گڏ ٿيل آهن اسان جو مقصد آهي ته حڪومت مسئلا حل ڪري، پر اسان جي برادري هن ملڪ ۽ حڪومت لاءِ ڇا ڪري رهي آهي.

اسان جو پروگرام آهي ته اسان صرف ميمڻ برادري لاءِ نه پر انسانيت لاءِ ڪم ڪنداسين. اسان جي ڪميونٽي کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ گهرجي ۽ ڪنهن به حڪومت ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي ميمڻ اتحاد جي پليٽ فارم تان چوان ٿو ته ميمڻ شريف غريب ۽ ڪمزور ناهي. مان توهان سان واعدو ڪريان ٿو ته مان وڌ کان وڌ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. گذارش آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ٻهراڙين جي برادري آهي، پڙهيل لکيل برادري آهي، ٻين جي مدد ڪن.

ڪنهن سان به جنگ ناهي. جنهن کي اسان سان گڏ اچڻو آهي شرجيل وٽ اچي، حيدرآباد ۾ ميمڻ برادري جون ڪيتريون ئي تنظيمون آهن جيڪي خدمت ڪن ٿيون پر اتحاد نه هو، ميمڻ اتحاد فلاحي ڪمن ۾ سرگرم آهي، حڪومت سمورا مسئلا حل نه ڪندي آهي، اسان کي به گهرجي ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مدد ڪري،