شڪارپور پوليس جون ڪارروائيون، 3 ڄڻا گرفتار

شڪارپور پوليس جون ڪارروائيون، 3 ڄڻا گرفتار

شڪارپور پوليس جون ڪارروائيون، 3 ڄڻا گرفتار

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ٿاڻي نيوفوجداري پوليس جو آڪڙا پرچي جوا جي دڪان تي ڇاپو، 03 جواري گرفتار، 2 آڪڙا پرچي جا بوڪ، 1500 روڪ رقم، 2 موبائيل فونز ۽ ڪلڪيوليٽر هٿ، ڪيس داخل، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جي حڪم تي اي ايس پي سٽي شڪارپور محمد عثمان خان جي اڳواڻيءَ ۾ ٿاڻي نيو فوجداري نيو پوليس سماجي براين خلاف ڪارروائي ڪئي. تفصيل موجب: ايس ايڇ او نيوفوجداري اطهر علي چنو پنهنجي اسٽاف سميت ڪارروائي، گشت دوران ڳجهي اطلاع ملڻ تي غريب نواز هوٽل جي ڀرسان آڪڙا پرچي جوا جي دڪان تي ڇاپو هنيو.ڇاپي جي دوران 03 جوارين کي گرفتار ڪيو ويو.گرفتار ٿيل جوارين ۾ (1) اسدالله شيخ (2) علي جان سنجراڻي (3) شعيب سڌايو شامل آهن. گرفتار جوارين جي قبضي مان 2 آڪڙا پرچي بوڪ، 1500 رپيا روڪ رقم، 2 موبائيل فونز ۽ هڪ ڪلڪيوليٽر هٿ ڪيو ويو.ٿاڻي نيو فوجداري پوليس گرفتار جوابدارن جي خلاف جوا آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.