نوشھروفيروز ۾ عوامي تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

نوشھروفيروز ۾ عوامي تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

نوشھروفيروز ۾ عوامي تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

نوشهرو فيروز (ڊر) زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي پبلڪ پارڪ کان شروع ٿي ۽ ٽي ڪلوميٽر شھر جو گشت ڪرڻ بعد شھر جي مکيه الله واري چوڪ تي پھتي. ريلي ۾ سنڌياڻين سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ عوام شرڪت ڪئي. شريڪ ڪارڪن زمينن جي نيلامي خلاف زوردار نعرا هڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسين سومرو، عوامي تحريڪ ضلعي نوشهروفيروز جي صدر سليم ڀنگر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن شاهين خاصخيلي، صفيه سرمد، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ خالد تنيو، عبدالسلام سومرو ۽ ٻين چيو ته هڪڙي پاسي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اسان جون زمينون سمنڊ ڳهي رهيو آهي ته ٻي طرف وري زمينون مختلف ادارن ۽ غير ملڪي سرمائيدارن حوالي ڪيون پيون وڃن. زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ تي قبضو ڪيو پيو وڃي. اصلوڪن رهواسين جا کاتا تبديل ڪري زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ملڪ جا حڪمران سنڌ جي زمينن جي نيلامي ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪري رهيا آهن. سنڌ جي زمينن تي قبضا انساني حقن جي لتاڙ آهن. هارين کي بي دخل ڪرڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا آندا ويا آهن. گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لمٽيڊ جي صورت ۾ رات پيٽ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جهڙي قبضاگير ڪمپني ٺاهي وئي آهي. هنن چيو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت تي حملو ڪيو ويو آهي. زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي زراعت تباه ڪئي وئي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر خاندانن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ پلاٽ ڏنا وڃن ته جيئن اهي شهرن ۾ روزگار حاصل ڪري گذر سفر ڪري سگهن. ۽ ڳوٺن ۾ موجود سرڪاري زمينون بي زمين هارين کي مفت ۾ ڏنيون وڃن.