ڏوڪري ڀرسان سرڪٽ هائوس ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جو اهم اجلاس ٿي گذريو

ڏوڪري ڀرسان سرڪٽ هائوس ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جو اهم اجلاس ٿي گذريو

ڏوڪري ڀرسان سرڪٽ هائوس ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جو اهم اجلاس ٿي گذريو

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان سرڪٽ هائوس ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صدارت سنڌ ميمڻ اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ عزيز احمد ميمڻ (ڪٽپر ) ۽ امجد علي ميمڻ ڪئي جنهن ۾ لاڙڪاڻو ضلعي جي مختلف علائقن جي ميمڻ برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 29 ڊسمبر راول هائوس راهوڪي ۾ ٿيندڙ سنڌ ميمڻ اتحاد مرڪزي ڪنوينشن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ٻڌي جو ثبوت ڏينداسين جنهن ۾ سڄي سنڌ جي ميمڻ برادري کي دل کولي شرڪت جي دعوت پڻ ڏيجي ٿي ان موقعي تي سنڌ ميمڻ اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ عزيز احمد ميمڻ (ڪٽپر) چيو ته سنڌ جي ميمڻ برادري جو متحد ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي 29 تاريخ تي سنڌ ميمڻ اتحاد جي مرڪزي چيئرمين شرجيل انعام ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ سڄي سنڌ جي ميمڻ برادري شرڪت ڪري پنهنجي برادري جو مستقبل ۾ نالو روشن ڪندي.