English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ عورت جو اڳوڻي مڙس ۽ اڳ ڄاول پٽن خلاف احتجاج
views
|
22nd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عورت جو اڳوڻي مڙس ۽ اڳ ڄاول پٽن خلاف احتجاج
ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪريءَ ۾ هڪ عورت احتجاج ڪندي اڳوڻي مڙس کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. ڏوڪريءَ جي ڳوٺ گولي مار چانڊيو جي رهواسڻ عورت سڪينا چانڊيو ڏوڪري پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو داهيندي چيو ته کيس اڳوڻي مڙس منير چانڊيو مان جان جو خطرو آهي جيڪو روز کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته هن پنهنجي مڙس کان عدالت ذريعي طلاق حاصل ڪئي آهي پر هاڻي سندس اڳوڻو مڙس لاڙڪاڻي واسي منير چانڊيو، سندس اڳ ڄاوا پٽ سعيد، راشد، مسعود، پرويز ۽ زاهد چانڊيو کيس مارڻ لاءِ هٿياربند ٿي اچن ٿا ۽ کيس مارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته سندس والد وفات ڪري ويو آهي ۽ هوءَ ڳوٺ گوليمار چانڊيو ۾ پنهنجي پيرسن ماءُ سان گڏ رهندي آهي جڏهن ته کيس ڀاءُ ڀيڻ پڻ نه آهن جنهن سبب سندس پوئواري ڪرڻ وارو ڪو به نه آهي جيڪو کيس تحفظ ڏئي سگهي. احتجاج ڪندڙ عورت سڪينا صحافين کي ٻڌايو ته هوءَ سخت خوف ۾ مبتلا آهي جنهن سبب هوءَ علاج لاءِ اسپتال به نه ٿي وڃي سگهي. ڳوٺ گوليمار چانڊيو جي رهواسڻ سڪينا چانڊيو مطالبو ڪيو ته کيس اڳوڻي مڙس کان تحفظ ڏنو وڃي جيئن سندس جان بچي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ڌرڻو، نوان ڪئنال منصوبو سنڌ جي هزارين سالا تهذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش آهي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي جو اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
ڳوٺ گولي مار چانڊيو
عورت سڪينا چانڊيو
مڙس منير چانڊيو
0 تبصرے