موھن جو دڙو ڀرسان سيپڪو جون ڪارروائيون، 4 ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل

موھن جو دڙو ڀرسان سيپڪو جون ڪارروائيون، 4 ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل

موھن جو دڙو ڀرسان سيپڪو جون ڪارروائيون، 4 ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل

موهن جو دڙو(رپورٽر) موهن جو دڙو ڀرسان سيپڪو ڏوڪري پاران بجلي جي مَدَ ۾ لکين رپيا رهيل رهتون ادا نہ ڪرڻ تي 4 صارفين خلاف ويهڙ ٿاڻي تي ايف آء آر درج ڪرائي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ ٽاٽڙي جي رهواسي 4 ڳوٺاڻن غلام حسين ٽاٽڙي، مير محد ٽاٽڙي. واحد بخش ۽ رياض حسين سومرو شامل آهن. هوڏانهن ايس ڊي او سيپڪو ڏوڪري محمد ودود پٺاڻ ميڊيا کي ٻڌايو تہ تعلقي ڏوڪري ۾ مختلف صارفين ڏانهن هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رهتون رهيل آهن. جيڪي سالن کان جمع نہ پيا ڪن. ان ڪري مرحليوار بل جمع نہ ڪرڻ وارن صارفين خلاف قانوني ڪاروائي جاري آهي. هوڏانهن پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نہ ٿيا آهن.