ڪشمور ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي لکين ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ خلاف ريلي

ڪشمور ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي لکين ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ خلاف ريلي

ڪشمور ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي لکين ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ خلاف ريلي

ڪشمور (دلبر جاني) ڪشمور ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي وفاقي نگران حڪومت پاران لکين ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ خلاف پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شاد کوسو، تعلقي صدر حضرت الله مزاري، هدايت الله جکراڻي، سيف الله ڪلوڙ، غلام عباس دايو، زين کوکر، گل سومرو، قومي عوامي تحريڪ جي ضمير حسين چنو، عوامي ورڪرز پارٽي جي عبدالحميد کوسو، ايڊوڪيٽ محمد علي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نادرا چوڪ کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار جي فيصلي کي رد ڪيون ٿا ۽ وفاقي سرڪار سنڌ جي 13لک ايڪڙ زمين سميت ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين غيرملڪين کي الاٽ ڪرڻ وارو فيصلو ڪنهن به ريت عوام ۽ ملڪ دوست فيصلو ناهي وفاقي سرڪار جو اهو فيصلو صوبن جي خودمختياري تي وار آهي، جنهن کي اڄ سائين زين شاه جي سڏ تي ڪشمور کان ڪراچي تائين سنڌ جي عوام تاريخي احتجاج ڪري رد ڪري ڇڏيو آهي