عمرڪوٽ واسي جوڙي ڪراچي جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ واسي جوڙي ڪراچي جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ واسي جوڙي ڪراچي جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)عمرڪوٽ ضلعي سان تعلق رکندڙ جوڙي ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، نوجوان حاڪم علي اقري ڌي محمد قاسم خاصخيلي سان پرڻو ڪيو تحفظ جي اپيل، سامارو جي جوڙي نوجوان حاڪم علي پٽ محمد بخش خاصخيلي اقري ڌي محمد قاسم خاصخيلي سان ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ شادي ڪري ورتي جوڙي ايسٽ نيشنل پريس ڪلب پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي حاڪم علي خاصخيلي چيو ته هو ٽن سالن کان هڪٻئي سان رابطي ۾ آهن هاڻي پسند جي شادي ڪئي آهي جنهن تي ناري جا مائٽ ناراض ٿي ڌمڪين تي لهي آيا آهن اقري چيو ته مون کي ڪنهن به ورغلايو ناهي مان پنهنجي رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي والدين منهنجي شادي ڪنهن ٻئي سان ڪرائڻ پيا چاهين جنهن تي مون حاڪم علي سان سٽي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آهي هن چيو ته شادي بعد منهنجا مائٽ فهيم احمد نويد ۽ ٻيا جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائين پيا جنهن سبب اسان جي جانين کي خطرو آهي هنن سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ميرپور خاص ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي ڏنل ڌمڪين جو نوٽيس وٺي انصاف سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.