شڪارپور ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

شڪارپور ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

شڪارپور ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ امن ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي قبيلائي تڪرارن خلاف احتجاجي ريلي ڪڊي وئي. اديب ھمير احمد چانڊيو ، ڪامريڊ اسد الله سومرو ، اعجاز ڪاڪيپوٽو .عبدالسميع بلالي. عبدالحق سھندڙو . نصير منگي . سعيد احمد سومرو .شمشاد ميمڻ. ڊاڪٽر عامر عباس سومرو . مختيار احمد شيخ . زبير سومرو .اسلام الدين لھر . عبدالسميع ڀٽي . ۽فنڪار اياز شيخ . ۽ ٻين جي قيادت ۾ ضلع شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جي خلاف ميراڻي پارڪ کان ايس . پي . آفيس تائين پر امن ريلي ڪڊي ويئي جيڪا ريلي ايس . ايس . پي . آفيس پھتي جتي اڳواڻن ڌرڻو ھڻندي خطاب ڪندي چيو ته ضلع شڪارپور ۾ ھڪ سئو کان مٿي مختلف برادرين جي وچ ۾ خوني جھيڙا ھلندڙ آھن ۽ اھڙي قبائلي ويڙھاند ۾ ڪيترائي ڪونڌر ڪسجي ويا آھن . ڪيترائي ٻار يتيم ۽ ڪيتريون ئي سدا سھاڳڙيون بيوه بڻجي ويون آھن جيڪي جھيڙا ھاڻي به جاري آھن جھيڙن جي نتيجي ۾ آباد ڳوٺ ويران ۽ زرخيز زمينون بنجر بڻجي ويون آھن . لاتعداد اسڪول ۽ صحت مرڪز بند پيل آھن . علائقا نوگو ايريا بڻجي ويا آھن . قبيلائي جھيڙن جي خاتمي جي لاء مقامي سياستدان . سردار ء بھوتارن خاموش آھن . رياست طرفان قبيلائي ويڙھاند جي خاتمي جي لاء ڪوئي به ڪردار ادا ڪون ڪري رھي آھي . پوليس انھن قبيلائي جھيڙن کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آھي . جھيڙن ۾ ملوث روپوش ماڻھن کي گرفتار ڪون ڪيو ٿو وڄي . ضلع شڪارپور ۾ خطرناڪ ھٿيارن جي خريد ۽ فروخت وارو ڪاروبار جاري آھي . ۽ اسان اھڙي موجوده ڳڻتي واري صورتحال کي ڏسندي . وڌيڪ قتل عام کي روڪرائڻ جي لاء ۽ ضلع شڪارپور ۾ امن ڪرائڻ جي لاء ھيء امن ريلي ڪڊي آھي . ۽ امن ڪرائڻ جي لاء اسان جون ڪوششون جاري رھنديون .