ڪرپٽ وڏيرن ۽ ڀوتارن کي ووٽ ڏيڻ بعد پنج سال رڙيون ڪندا آھيون: اياز لطيف پليجو

ڪرپٽ وڏيرن ۽ ڀوتارن کي ووٽ ڏيڻ بعد پنج سال رڙيون ڪندا آھيون: اياز لطيف پليجو

ڪرپٽ وڏيرن ۽ ڀوتارن کي ووٽ ڏيڻ بعد پنج سال رڙيون ڪندا آھيون: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو تہ پاڻ سڀ تبديلي جي ڳالھ تہ تمام زبردست ڪندا آھيون مگر جڏھن تبديلي اچڻ واري اليڪشن جو ٽائيم ايندو آھي تہ پوء پاڻ سنڌ جي ھمدردن ھڏ ڏوکين کي ووٽ ڏيڻ بجاء ڪرپٽ، چور، ڀوتارن ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻندڙ زرداري ليگ جي پويان ھوندا آھيون انھن کي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پھچائيندا آھيون پوءِ واري پنج سال رڙيون دانھون ڪندا آھيون ظالم حڪمرانن مھانگائي ڪري، بدامني جي ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن کي عوام جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آھي غريبن تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ ڪرپٽ حڪمرانن جي لاٽري کليو وڃي جيئن اڳ آيل برساتي ٻوڏ دوران ٻاھرين ملڪن کان ملندڙ امداد حڪمرانن اصل حقدارن تائين پھچائڻ بجاء صرف پنھنجا پيٽ ڀريا عوام اڄ بہ دربدر آھي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ افغانين برمين ۽ کي آباد ڪيون جنھن سبب ٻاھرين لوڌ ايندي رھي ٿي ۽ انھن کي آساني سان سڃاڻپ ڪارڊ بہ ٺاھي ڏنا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجو چيو تہ سياست ۾ مستقل مزاجي سان ھلڻ جي ڪري اسين ھتي موجود آھيون ٻئي صورت ۾ اسان جو وجود ختم ٿي چڪو ھجي ھا اسان کي انتھا پسندي جي آڙ ۾ گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي مگر اسان اھڙي گمراھ ڪندڙ انتھا پسندي کي ھميشه رد ڪيو آھي سنڌ جي زمينن تي قبضا پيا ٿين معصوم ٻارڙن سان زيادتيون پيون ٿين آخرڪار حڪمران ڪھڙي مرض جي دوا آھن جيڪي عوام جون تڪليفون دور ڪندا قوم جو ڪو ڌڻي سائين ڪونھي سنڌي ماڻهن کي چئلنجن کي جرئتمندي سان منھن ڏيڻو پوندو