سجاول ۾ منشيات فروشن جو صحافي جي ڀاءُ ۽ ڀيڻيوي تي مبينا حملو

سجاول ۾ منشيات فروشن جو صحافي جي ڀاءُ ۽ ڀيڻيوي تي مبينا حملو

سجاول ۾ منشيات فروشن جو صحافي جي ڀاءُ ۽ ڀيڻيوي تي مبينا حملو

سجاول (گلشيرميربحر) سجاول جي وياج خور منشيات فروشن صحافي جي ڀاء ۽ ڀيڻويي تي قاتلاڻو حملو ڪري رتورت ڪري ڇڏيو، ھڪ ڄڻو نازڪ حالت ۾ ڪراچي نيو ويو، ڊي آئي جي حيدرآباد واقعي جو نوٽيس ورتو، ايس پي سجاول جي حڪم تي سجاول پوليس اٺ معلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته باقي نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاء به پوليس جا ڇاپا جاري آھن سجاول جي معزز واپاري ۽ صحافي رياض ميمڻ جي ڀيڻويي ۽ سوٽ حافظ سراج ميمڻ کي بدنام زمانه منشيات فروشن ۽ وياج خورن ذوھيب ميمڻ، زاھد ميمڻ، سھيل ميمڻ، نجيب اللہ ميمڻ، اشفاق ميمڻ، غلام ميمڻ،عزير ميمڻ ۽ ٻين گذريل رات اوچتو قاتلاڻو حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو.جنھن کي ڇڏائڻ لاءِ پھتل فيصل ميمڻ تي پڻ جوابدارن حملو ڪري ڏنو ۽ کيس زخمي ڪيو ويو.جنھن بعد صحافي رياض ميمڻ پاڙي وارن سان پھچي زخمين کي سول اسپتال پھچايو جتان ابتدائي طبي امداد کان پوء حافظ سراج ميمڻ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آغا خان ڪراچي منتقل ڪيو ويو. جڏھن تہ جوابدارن خلاف حملي جو ڪيس سجاول پوليس اسٽيشن تي داخل ڪيو ويو آھي. ايس پي سجاول شھلا قريشي پاران جاري پريس رليز مطابق صحافي رياض ميمڻ جي ڀاء فيصل ميمڻ جي فرياد تي سجاول پوليس پاران ڏوھ نمبر 269/2023 قلم 324,147,148,149,504 پي پي سي تحت داخل ڪرڻ بعد ھڪ جوابدار غلام ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جڏھن ته ڊي ايس پي سجاول ذوالفقار قائمخاني ۽ ايس ايڇ او مشتاق برھماڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن جو وڌيڪ ست جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپن جو سلسلو جاري آھي. ٻئي پاسي سجاول ضلعي جي صحافين پاران صحافي رياض ميمڻ جي ڀاء ۽ ڀيڻويي تي حملي جي سخت مذمت ڪئي وئي آھي. ان سلسلي ۾ صحافين جي ھڪ وفد حافظ سعدالله ميمڻ، عبدالرشيد خاصخيلي، بابو ڪنڊرا، رياض ميمڻ وقار ميمڻ، گلشير ملاح ۽ ٻين ايس پي سجاول شھلا قريشي سان ملاقات ڪري واقعي جي تفصيلات کان آگاھ ڪيو ۽مطالبو ڪيو آھي تہ حملا آور جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ايس پي سجاول ايس ايڇ او سجاول مشتاق برھماڻي کي طلب ڪري 24 ڪلاڪن ۾ سمورا نامزد جوابدار گرفتار ڪري عدالتي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ صحافين کي انصاف جي يقين دھاني ڪرائي.