اڳوڻي صوبائي وزير سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ٽئين ورسي سڀاڻي ملھائي ويندي

اڳوڻي صوبائي وزير سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ٽئين ورسي سڀاڻي ملھائي ويندي

اڳوڻي صوبائي وزير سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ٽئين ورسي سڀاڻي ملھائي ويندي

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي جي شيرازي خاندان جي بزرگ ھستي الحاج سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ لاڙ جي مشھور سياستدان، اڳوڻي صوبائي وزير الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ٽين سالياني ورسي تقريب 10 ڊسمبر آچر جي ڏينھن شيرازي ھائوس ٺٽي ۾ نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي پئي وڃي، جنھن جون تياريون زور شور سان جاري آھن، جنھن تيارين جو جائزو پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي پاران وٺندي چيو تہ 10 ڊسمبر تي سندس ڏاڏي الحاج سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ سندس والد بزرگ الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ٽين ورسي تقريب شيرازي ھائوس ٺٽي تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويندي، جنھن ۾ قرآن خواني صبح جو 11 وڳي ڪرائي دعا گھرڻ بعد الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي زندگي تي مقررين روشني وجھي کيس سندس ڪيل خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان گڏ سندس ڪيل عوامي خدمتن تي ٺاھيل ڊاڪومينٽري پڻ پيش ڪئي ويندي، جنھن بعد خيرات جي ماني پڻ کارائي ويندي. ھن چيو تہ ورسي تقريب جون تياريون تيزي سان جاري اھن، ھن عوام کي اپيل ڪئي تہ ھو ورسي تقريب ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري الحاج سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي ۽ الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي کي خراج عقيدت پيش ڪن. ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جو چيئرمين ادا محمد ميمڻ، حاجي خير محمد بروھي، غلامي ھنڱورو، سردار شاھد بروھي، وڏيرو شڪيل احمد بروھي، سردار مھرالله بروھي، عبدالغني قريشي، يوسي ڇتوچنڊ جو چيئرمين محمد عيسي ھيجب، سيد شوڪت شاھ، محمد خان ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.