موهن جو دڙو: ٻلھڙيجي ۾ سيپڪو ملازم جي دڪان مان چوري

موهن جو دڙو: ٻلھڙيجي ۾ سيپڪو ملازم جي دڪان مان چوري

موهن جو دڙو: ٻلھڙيجي ۾ سيپڪو ملازم جي دڪان مان چوري

موهن جو دڙو(رپورٽر) موهن جو دڙو ڀرسان ٻلهڙيجي ۾ سيپڪو ملازم ٻُڍل جيسر جي ڪرياني جي دڪان مان نامعلوم چور تيز ڌار واري ڪئنچي سان تالا ٽوڙي دڪان اندران 2 لک ماليت جو ڪرياني جو سامان، هنڊا موٽر سائيڪل سميت روڪ رقم چوري ڪري ويا آهن. اطلاع تي گهر ڀاتين صبح جو دڪان کليل هجڻ تي چوري ٿيل سامان سنڀاليو. چوري واقعي جو ايئرپورٽ ٿاڻي تي اطلاع ڪيو. هوڏانهن سيپڪو ملازم ٻڍل جيسر ۽ سندس گهر واري جي ويزا لڳڻ سبب هو گذريل ڏينهن عمري لاء سعودي عرب روانا ٿي ويا آهن. جڏهن تہ گهر ڀاتين کي چورن جو پتو پئجي نہ سگهيو. پوليس پاران بہ ڪا گرفتاري عمل ۾ نہ آئي آهي.