صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ شبانھ شفيق ڊينٽل ڪلينڪ جو افتتاح

صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ شبانھ شفيق ڊينٽل ڪلينڪ جو افتتاح

صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ شبانھ شفيق ڊينٽل ڪلينڪ جو افتتاح

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صحت واري نگران وزير سعد خالد نياز گذريل ڏھاڙي ڪراچي پريس ڪلب ۾ شبانھ شفيق ڊينٽل ڪلينڪ جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ، پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، نائب صدر مشتاق سھيل، خزانچي احتشام پاشا، گورننگ باڊي جي ميمبرن ذوالفقار راڄپر، ڪلثوم جهان، فاروق سميع ۽ لاڳاپيل ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب نگران صوبائي وزيرصحت سعد خالد نياز چيو ته صوبي ۾ نوجوانن ۾ نشي جو رجحان وڌي ويو آهي، جنهن جو رستو روڪڻ گهرجي، يونيورسٽي ۽ ڪاليجن اڳيان منشيات سر عام وڪرو ٿي رھي آھي، جيڪا ڀر واري ملڪ مان اچي ٿي، ان کي روڪڻ ممڪن ناھي. نگران صوبائي وزير چيو تھ ڪراچي پريس ڪلب دنيا جو پھريون ڪلب آهي جتي ڊينٽل شعبو قائم ڪيو ويو آھي، سندس چوڻ ھو ته ھيپاٽائيٽس جي لاء به ڪيمپ قائم ڪئي ويندي ۽ پريس ڪلب جي ڪلينڪ ۾ دوائن جي کوٽ نه ھئڻ گھرجي. صوبائي وزير چيو تھ سرڪاري اسپتالن ۾ به صحت جون مڪمل سھولتون ڏنيون پيون وڃن، ھن چيو ته گٽڪي ۽ آئيس سبب ھر چوٿو ماڻھو انھيءَ نشي جو شڪار بڻيل آھي، جنھن خلاف جنگ جو اعلان ڪرڻ ضروري آھي، ان حوالي سان ميڊيا جي سخت ضرورت آھي. ھن چيو تھ ھي نشو آن لائين استعمال ڪيو پيو وڃي، جنھن کي روڪڻ سان نئون نسل تباھي کان بچي سگھي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته اسين پريس ڪلب سان گڏ پھنجي ٽيم جو شڪريو ادا ڪريون جن محنت ڪري پريس ڪلب ۾ ڊينٽل ڪلينڪ جو قيام عمل ۾ آندو ھن چيو ته پريس ڪلب سان پراڻو واسطو آھي جلد شگر ۽ ڪوليسٽرول جي ٽيسٽ واري ڪيمپ قائم ڪئي ويندي سندس چوڻ ھو ته جلد لانڍي ۾ دل جي مرض لاء به يونٽ قائم ڪيو ويندو جنھن ۾ مفت علاج جي سھولت موجود ھوندي پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سڀني جي لاءِ دروازا کليل آھن ۽ مفت اعلاج سان گڏ مشورا به ڏئي سگھجن ٿا. تقريب ۾ صوبائي وزير سعد خالد نياز، امجد سراج ميمڻ ۽ ٻين کي ڪلب جون اعزازي شيلڊون ڏنيون ويون.