English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا, ايم ڪيو ايم طرفان پ پ اڳواڻن مٿان ڪارڪنن تي حملي جو الزام
views
|
11th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا, ايم ڪيو ايم طرفان پ پ اڳواڻن مٿان ڪارڪنن تي حملي جو الزام
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا، ايم ڪيو ايم طرفان پ پ اڳواڻن مٿان ڪارڪنن تي حملي جو الزام، ڪياماڙي ضلعي جي مڇر ڪالوني ۾ عمر بن خطاب مسجد وٽ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران فائرنگ ڪئي وئي. ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو موجب نثار پٺاڻ ۽ سراج ۾ زمين تان تڪرار هلندڙ هو، ان تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ سراج عرف سراجي ۽ سندس 2 ساٿي مارجي ويا، اطلاع ملندي ئي اي ايس پي ڪياماڙي جي سربراهي ۾ پوليس علائقي جو گهيرو ڪيو، پوليس فائرنگ ۾ ملوث مرڪزي جوابدار نثار پٺاڻ ۽ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن جي قبضي مان هڪ رائفل ۽ هڪ پستول هٿ ڪيو ويو، فائرنگ ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر انيس قائم خاني الزام هنيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا نامزد اميدوار همايون عثمان ۽ ملڪ فياض چونڊ مهم ۾ مصروف هئا، پ پ جي دهشتگردن مقامي عهديدارن جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوارن تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن زخمي به ٿيا آهن، حملي جو مرڪزي ڪردار نثار خان قادر پٽيل جو ڪوآرڊينٽر آهي ۽ پ پ جو عهديدار آهي. هوڏانهن پوليس موجب هي سياسي معاملو ناهي، نثار ۽ سراج وچ ۾ ڪافي عرصي کان زمين تان تڪرار هلندڙ هو، ان تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
Murder
killing
PPP
MQM
Anees
Qaimkhani
0 تبصرے