ڪراچي ۾ سورھين عالمي اردو ڪانفرنس جي چوٿين ۽ آخري ڏينھن تي بدلجندڙ سماج جي موضوع تي سيشن

ڪراچي ۾ سورھين عالمي اردو ڪانفرنس جي چوٿين ۽ آخري ڏينھن تي بدلجندڙ سماج جي موضوع تي سيشن

ڪراچي ۾ سورھين عالمي اردو ڪانفرنس جي چوٿين ۽ آخري ڏينھن تي بدلجندڙ سماج جي موضوع تي سيشن

ڪراچي (رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران جاري سورھين عالمي اردو ڪانفرنس جي چوٿين ۽ آخري ڏينھن بدلجندڙ سماج جي موضوع تي سيشن منعقد ڪيو ويو. ھن سيشن جي ميزباني سيد جعفر احمد ڪئي، سيشن ۾ نورالھدي شاھ ، غازي صلاح الدين ، نصير ميمڻ ۽ حارث خليق بدلجندڙ سماج جي حوالي سان گفتگو ڪئي. نصير ميمڻ چيو ته سماج ته بدلجي ٿو پر پاڪستان ھڪ سماج ناھي بلڪه ھن جا ڪيئي تھ آھن ، اسان وٽ الميو اھو آھي جو ماڻھو منفي تبديلين کي پنھنجي مٿان حاوي ڪندا آھن ان ڪري ماڻھن کي صرف منفي شيون نظر اينديون آھن، حقيقت ۾ اسان جي معاشري ۾ مثبت تبديلي آھستي آھستي اچي پئي، جيڪڏھن مان اڄ کان ٽيھھ سال پراڻي ڳالھھ ڪريان ته اسان جي اسڪولن ۾ ڇوڪرين جو انگ ايڏو نه ھوندو ھئو جيترو اڄ آھي، اسان جي معاشري ۾ مٿين سطح جا ادارا اھڙين تبديلين کان خوفزده آھن ان ڪري ھو معاشري ۾ منفي سوچ وڌائي مثبت تبديلين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ٿرپارڪر جي باري ۾ چيو ويندو آھي ته ھي ھڪ پٺ تي ڌڪيل علائقو آھي مون اٿي ڇوڪرين کي مائننگ ۾ ٽرڪ ھلائيندي ڏٺو، شروع ۾ ماڻھن احتجاج ڪيو پر بعد ۾ اٺن مھينن دوران 25 عورتون ٽرڪ ھلائڻ جي قابل ٿي ويون اسان کي تبديلي جو رڳو وھاڻو نه پر ان جو حصو بڻجڻ گھرجي. حارث خليق ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان ۾ جيترا به اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آھن انھن ۾ ڇوڪرين جو انگ وڌيڪ آھي ، پر بدقسمتي سان ان ۾ اسان جي رياست جو ڪوبه ڪردار ناھي ، سماجي تبدليء ۾ رياست کي به پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي اھا رياست جي به بقا آھي ، ھر دور لئہ ڪو نئون غالب يا ڪو نئون مير ڪونه ايندو ، اديبن کي محنت ڪرڻي پوندي ته جيئن ھي معاشرو با اختيار بڻجي سگھي ، ۽ پنھنجي حقن جي نشاندهي ڪري سگھي. نورالھدي شاھ چيو ته رياست ۽ سياست جي ٽڪراء ۾ صرف ھڪ شيء پيسبي آھي اھو اسان جو سماج آھي، جيڪڏھن سماج پيسجڻ شروع ٿيندو آھي سماج ۾ مختلف مسئلا شروع ٿي ويندا آھن، اتان کان اديب جو ڪم شروع ٿيندو سھي، اديب پنھنجي جمالياتي سوچ سبب سماج کي بچائيندو آھي ، سنڌي اديبن جو ھي نظريو آھي ته ڪنھن بہ ٻوليء کي زنده رکڻ اديب جو ڪمال آھي، ۽ جيڪڏھن اديب جي لکڻ سبب ان ٻوليء جا ڳالھائيندڙ زنده روح بڻجي وڃن اھو وڏو ڪمال آھي ، مان ڪافي پر اميد آھيان ڇوتہ ھاڻي ماڻھو روايتي نه پر شعوري ڪھاڻيون لکن پيا شعوري شاعري ٿي رھي آھي ھڪ ڏينھن اھي ٻوٽا وڏا وڻ بڻجي ويندا اڄ ڪلھ جيڪي نوجوان لکڻ ڄاڻين ٿا اھي دليل سان سٺو ڳالھائين به ٿا. غازي صلاح الدين پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته ماڻھن جي ذھنن تائين پھچن ۽ سماجي تبديلي ۾ ادب جو ڪردار اھم ھوندو آھي ، فرانس جي انقلاب کان ڪيترائي ڪتاب ڇپيا جن ماڻھن کي ھمٿايو پر ڪتاب تڏھن اثر ڪندا آھن جڏھن ان کي پڙھڻ وارا گھڻا ھجن جنھن سان گڏيل سوچ پيدا ٿيندي آھي ، ڪتابن جو انگ ڪيترو آھي اھو اھم ناھي پر ان کي پڙھڻ وارا ڪيترا آھن اھو اھم آھي. ماڻھو چون ٿا ته اصل تبديلي يونيورسٽي ڪئمپس مان ايندي آھي پر اسان جي يونيورسٽين جو برو حال آھي، اسان جي ملڪ ۾ دانشواراڻو ڍانچو ھجڻ انتھائي ضروري آھي ان کان بغير سماج کي مثبت رخ ڏانھن وٺي نه ٿو پيو سگھجي.