ڳاڙھو ويجھو ڳوٺ ڪامريڊ محمد جمن ملاح ۾ ٻارڙو کڏي ۾ بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت

ڳاڙھو ويجھو ڳوٺ ڪامريڊ محمد جمن ملاح ۾ ٻارڙو کڏي ۾ بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت

ڳاڙھو ويجھو ڳوٺ ڪامريڊ محمد جمن ملاح ۾ ٻارڙو کڏي ۾ بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت

ٺٽو( ڊ ر) ڳاڙھي شھر ويجھو ڳوٺ ڪامريڊ محمد جمن ملاح ڀرسان نئين تعمير ٿيندڙ روڊ جي ٺيڪيدار پاران ملاحن جي گھر ڀرسان وڏا کڏا لڳائي مٽي روڊ تي کڻڻ ڪري کڏن ۾ بيٺل پاڻي ۾ مذڪورہ ڳوٺ جي رھواسي پورھيت رسول بخش ملاح جو 4 سالہ معصوم پٽ محبوب ملاح پاني واري کڏي ۾ ڪري بڏي فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش کڏي مان ڪڍي گھر پھچائڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، فوتي ٻارڙي جي وارثن محمد جمن ملاح ۽ بين چيو تہ اسانجي ٻارڙي جي موت جو ذميوار روڊ جو ٺيڪيدار ۽ سندس منشي اھي، جنھن کي اسان اڳواٽ چيو ھو تہ ھي مٽي اسانجي گھر ڀرسان کڻو پيا، ھي کڏا اسان لاء نقصانڪار ثابت ٿيندا تہ ھنن چيو تہ ھي توھان دوبارہ ڀرائي بند ڪرائي ڏينداسين، پر ھنن اھو ڪم نہ ڪيو ۽ اسانجو ٻارڙو فوت ٿي ويو اھي، ھنن چيو تہ ھن کان اڳ بہ ڪافي ماڻھون انھن کوٽيل کڏن ۾ ڪري زخمي ٿيا اھن، پر روڊ جو ڪم ڪرائيندِڙ ٺيڪيدار ۽ ان جو منشي ھن طرف ڌيان ڏيڻ لاڀ تيار ناھن، جنھن ڪري ڳوٺاڻن کي وڌيڪ نقصان جي خطري جو انديشو آھي. ھنن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي لڳل کڏا بند ڪرائي ڳوٺاڻن کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ سميت فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي جي وارثن سان انصاف ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.