نوشھروفيروز ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اليڪشن کان اڳ آزاد اميدار ڪامياب

نوشھروفيروز ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اليڪشن کان اڳ آزاد اميدار ڪامياب

نوشھروفيروز ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اليڪشن کان اڳ آزاد اميدار ڪامياب

نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهروفيروزڊسٽرڪٽ بار ايسوسيشن جي 23 ڊسمبر تي سال 2024 جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ جنرل سيڪريٽري تي بيٺل اميدوار ابرارچانڊيو پاران هٿ کڻڻ کان پوءِ نوجوان وڪيل شوڪت علي ٻوهيو بنا مقابلي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيشن جو جنرل سيڪريٽري طور ڪامياب ٿي ويو آهي جڏهن ته صدارت تي ڪافي وقت کان پاڻ ۾ اتحادي رهندڙ سنڌ بارڪائونسل جي ميمبر عبدالستار لهراڻي ۽ موجوده صدر اياز مري جي آمهون سامهون هڪ ٻئي خلاف بيهڻ جي ڪري ڊسٽرڪٽ بارايسوسيشن جي 23 ڊسمبر تي ٿيندڙ اليڪشن دلچسپ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي ۽ ٻئي صدارت جا اميدوار هڪ ٻئي کي هارائڻ جي لاءِ ميدان تي لٿل آهن ٻئي طرف بنا مقابلي ڪامياب ٿيل جنرل سيڪريٽري شوڪت علي ٻوهيو سمورن وڪيل دوستن جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته منهنجي هميشه ڪوشش رهي آهي. ته مان پنهنجي سمورن وڪيل دوستن کي گڏ کڻي هلان ۽ پنهنجي سينئر دوستن جي صلاح سان فيطلا ڪري اڳتي وڌا ۽ مان هن وقت به جنرل سيڪريٽري طور ڊسٽرڪٽ بارايسوسيشن ۾ ڪم ڪيان پيو ۽ هاڻي وڌيڪ هڪ سال جي لاءِ سمورن دوستن مونکي ٻيهر سال 2024 لاءِ جنرل سيڪريٽري بڻايو آهي جنهن تي دوستن جو ٿورائتو آهيان ۽ منهنجي ڪوشش هوندي ته وڌ کان وڌ وڪيل دوستن جا جائز مسئلا حل ڪرايا ن ۽ کين رليف وٺي ڏيان