ٺاروشاھ ڀرسان مبينا اغوا بعد شھيد ڪيل پوليس اھلڪار جي وارثن جو احتجاج

ٺاروشاھ ڀرسان مبينا اغوا بعد شھيد ڪيل پوليس اھلڪار جي وارثن جو احتجاج

ٺاروشاھ ڀرسان مبينا اغوا بعد شھيد ڪيل پوليس اھلڪار جي وارثن جو احتجاج

ٺاروشاھ (رپورٽر) ٺاروشاھ ڀرسان 3 هفته اڳ هٿياربندن هتان درٻيلو پوليس چيڪ پوسٽ وٽان مببناطور اغوا بعد شهيد ڪيل پوليس جوان جابر راجپوت جا جوابدار پوليس گرفتار نه ڪري سگهي نه ئي ڦر ٿيل سرڪاري هٿيار پوليس واپس ڪرائي سگهي پوليس شهيد اهلڪار جا اصل قاتلن تائين پهچي نه سگهي پوليس آفيسرن شھد جي خون کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ورتو شھيد جو خون پوليس آفيسرن لا۽ سوني جهرڪي پيدا ٿي پئي ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو جاري 21 ڏينھن گزرڻ باوجود پوليس قتل جو ڪيس چالان پيش ن ڪري سگھي وارثن جو آ۽ جي سنڌ کي معيار ڇا اسان جي جوان جا قاتل بااثرن آهن پوليس رڳو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽلا آسرا پئي ڏئي شهيد پوليس اهلڪار جو چاچو بشير راجپوت جديد ٽيڪنالوجي ذريعي جلد جوابدار گرفتار ڪنداسين ايس ايڇ او ٺاروشاھ خبر موجب ٺاروشاھ ڀرسان ڪيلا موري اسٽاپ وٽ درٻيلو چيڪ پوسٽ وٽ ھٿيار بندن ھٿان مبينا طور اغوا بعد شھيدڪيل پوليس جو شهيد اهلڪار جابر راجپوت جي شهادت کي 3 هفتا گذري وڄڻ باوجود پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪيو جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪار جابر راجپوت جي واقعي کان پوءِ پوليس آفيسرن جي ته ڄڻ سوني جهرڪي پيدا ٿي وئي وڏي پيماني تي ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو تيز ڪري ڳري رشوت اوڳاڙي پئي وڄي جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪار ۽ زخمي پوليس اهلڪار صدير لاڙڪ کان هٿيار بندن ڦر ڪيل ڪلاشن به واپس نه ڪري سگهي جيڪو پوليس جي ڪارڪردگي لاءِ ڪيترائي سوال پيدا پئي ڪري ان سلسلي ۾ شهيد پوليس اهلڪار جابر راجپوت جي چاچي بشير راجپوت رابطو ڪندي ٻڌايو ته منهنجو ڀائٽيو جابر راجپوت درٻيلو پوليس چيڪ پوسٽ تي رات جي وقت ڪيلا موري ٺاروشاھ روڊ تي ڊيوٽي ڪري رهيو هيو ته نامعلوم هٿياربندن ڳوٺاڻي جي مينهن چورائي وڄي رهيا ھيا ت نامعلوم هٿياربندن سان مھاڏو اٽڪايو جنھن تي ھٿيار بندن ڪس اغوا ڪري رستي ۾ بي دردي سان گوليون هڻي شهيد ڪري سرڪاري هٿيار کڻي فرار ٿي ويا جنهن واقعي کي 21 ڏينهن گذري ويا آهن پر ٺاروشاھ پوليس جوابدارن جي خبر هوندي به گرفتار نه ڪري سگهي آهي ھنن آ۽ جي سنڌ کي معيار ڏيندي چيو ت شهيد اهلڪار جي پونئيرن کي ڪو معائزو ب ن ڏنو ويو آهي هن چيو ته پوليس پنهنجي پٽي ڀائين لاءِ ڪجھ به نه ڪري رهئي آهي ته عام ماڻهن کي ڪهڙو انصاف ڏياريندي هوندي هن چيو پوليس اسان جي ڀائٽي جي واقعي کان پوءِ پوليس ڪمائي جو ذريعو اختيار ڪري ٻڌ ڇوڙ ڪري رهي آهي هن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان شهيد پوليس اهلڪار جابر راجپوت جا قاتل فوري طور گرفتار ڪرڻ جي اپيل ڪئي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته پوليس 21 ڏنھڻ گزرڻ باوجود ڪيس جو چالان ڪورٽ ۾ پيس ناھي ڪري سگھي رابطو ڪرڻ تي ٺاروشاھ ايس ايڇ او شبير دلواڻي چيو ته شهيد پوليس اهلڪار جابر راجپوت جي قاتلن جا سهولتڪار گرفتار ڪيا آهن قاتلن تائين پهچي ويا آهيون تمام جلد جديد ٽيڪنالوجي ذريعي جوابدار گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪيا ويندا