English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ بابا گرونانڪ جي جنم ڏينھن بابت ٻن ڏينھن واريون تقريبون شروع
13 views
|
26th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ بابا گرونانڪ جي جنم ڏينھن بابت ٻن ڏينھن واريون تقريبون شروع
نوشهرو فيروز(ڊ ر) بابا گرونانڪ ديوجِي، جَي جنم ڏينهن جون ٻن ڏينهن واريون تقريبون نوشهرو فيروز ۾ شروع ٿي ويون آھن، جنهن ۾ بابا جي ڏولي صاحب کنئي ويئي ۽ پهرين ڏينهن کان ئي پوري سنڌ مان بابا گرونانڪ جي عقيدتمندن جو تاريخي مندر بابا جمناداس اُداسين نوشهرو فيروز ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آھي. ان موقعي تي ڳالهائيندي گادي نشين سائين رام داس صاحب چيو ته بابا گرونانڪ ديوجي، ماڻهن جي دِلين ۾ مساوات، مالڪ حقيقيءَ جي عشق ۽ روحانيت جون روشنيون ٻاريون، سندس تعليم جو بنيادي مقصد سماجي انصاف ۽ اخلاقي اصلاح هو. هن چيو ته بابا گرو نانڪ صاحب جي هن ڏهاڙي تي جيڪي به مهمان اچن پيا انهن جي کاڌي، پيتي ۽ رهائش جو مڪمل بندوبست آھي جيڪي تياريون اسان مهينو اڳ شروع ڪري ڇڏيندا آھيون. هن چيو ته اسان جو اولين مقصد سري گرونانڪ شاهه جي تعليم جي باري ۾ معلومات عام ڪرڻ آھي ته جيئن بابا جو پيغام سڀني تائين پهچي ۽ اهي صحيح معنيٰ ۾ ان جي پيغام تي عمل ڪري سگهن ته پندرهين صدي عيسوي ۾ پئدا ٿيندڙ عظيم رهنما انسانيت ۽ صرف انسانيت جو سبق عام ڪيو، جيڪو پيغام ٻين تائين پهچائڻو آھي. هوڏانهن پهرين ڏينهن رات جو ڀڳت ڊاڪٽر سيتل داس ۽ ونود ڪمار ٽنڊو الهيار وارن جي ٽيم ستسنگ ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
بابا گرونانڪ ديوجِي
ريون تقريبون نوشهرو فيروز ۾ شروع
0 تبصرے