نگران وزير اعلي سنڌ پاران اينگرو فرٽيلائيزر آف سائيٽ يونين جي درخواست تي رد عمل ظاهر

نگران وزير اعلي سنڌ پاران اينگرو فرٽيلائيزر آف سائيٽ يونين جي درخواست تي رد عمل ظاهر

نگران وزير اعلي سنڌ پاران اينگرو فرٽيلائيزر آف سائيٽ يونين جي درخواست تي رد عمل ظاهر

ڏھرڪي (رپورٽر) اينگرو فرٽيلائيزر آف سائيٽ يونين جي درخواست تي نگران وزير اعلي سنڌ پاران رد عمل ظاهر، صنعتي ادارن ۾ منيميم ويجز جي نوٽيفڪيشن تي عمل درآمد نه ڪرائڻ متعلق سکر ڊويزن ليبر کاتي جي ڪنسيليٽر آفيسر لالا اصغر پٺاڻ کان جواب طلب، شوڪاز نوٽيس جاري، صنعتي ادارن ۾ مزدورن کي ماھوار بيسڪ 32000 اجرت تاحال نه ملي سگھي مھراڻ ليبر فيڊريشن جي اڳواڻن پاران نگران وزير اعلي، ليبر منسٽر، سيڪريٽري ليبر کاتي، ليبر ڊي جي اختر علي کان لالا اصغر پٺاڻ کي فوري ھٽائڻ جو مطالبو. تفصيل موجب: اينگرو فرٽيلائيزر آف سائيٽ يونين جي ڏنل درخواست تي، نگران وزیر اعلي سنڌ جو صنعتي ادارن ۾ منيميم ويجز بورڊ جي نوٽيفڪيشن موجب ماھوار اجرت 32,000 (بيسيڪ) نه ڏيارڻ تي سکر ڊويزن ليبر کاتي جي آفيسر ڪنسيليٽر لالا اصغر پٺاڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري، فوري طور تي منيميم ويجز تي عملدرآمد ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو مھراڻ ليبر فيڊريشن جي اڳواڻن صوبائي صدر راحب علي سميجو، صوبائي جنرل سيڪريٽري عرفان علي پنهور، محمد امين جلباڻي، عبدالحمید لغاري، بدر الدين پنھيار علي گوهر سميجو غلام حسين سميجو فھيم ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انتھا جي مھانگائي جي دور ۾ مزدورن جي تنخواھ نه ھجڻ برابر آهي جڏھن ته سنڌ گورنمينٽ پاران مزدورن جي اجرت وڌائڻ لاءِ نوٽيفڪيشن به جاري ٿيو پر سکر ڊويزن جي آفيسر ڪنسيليٽر لالا اصغر پٺاڻ مختلف صنعتي ادارن کان عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آھي ۽ شوڪاز نوٽيس ملڻ کان پوءِ موجوده پاڪيٽ يونينز کي گھرائي پنهنجي حق ۾ بيان وٺڻ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي افسوس آھي ڪرپٽ ڪاموري جي دفاع ۾ صنعتي ادارن جي پاڪيٽ يونينز جا ڪرپٽ ساٿاري ۽ ليڊر انھن کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آھن جيڪو مزدورن جي بنيادي حقن تي کلي عام ڌاڙو آھي جڏھن ته جبري طور بنا ڪنهن جواز جي ڪجھه ملازم برطرف ڪيا ھئا انھن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي ۽ ضلعي گھوٽڪي جي صنعتي ادارن ۽ اينگرو فرٽيلائيزر انتظامیہ؛ ٽي اين بي پاور پلانٽ؛ انرجي پاور پلانٽ؛ ايف ايف سي ۽ تمام شوگر ملون جي انتظاميه کي به مزدورن جا حق غضب ڪرڻ ڪونه ڏبا مزدورن جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ حاصلات لاءِ جاکوڙ جاري رکندا سين جڏهن ته فوري طور تي مينيمم ويجيز بورڊ جي نوٽيفڪيشن موجب ماھوار اجرت (بيسيڪ) 32,000 ڏني وڃي. اڳواڻن نگران وزير اعلي، ليبر منسٽر، ليبر سيڪريٽري ، ڊي جي ليبر ڊپارٽمنٽ اختر علي کان مطالبو ڪيو ته في الفور سکر ريجن مان ڪنسيليٽير آفيسر لالا اصغر علي پٽاڻ کي ھٽائي ڪوئي ايماندار آفيسر مقرر ڪري صنعتي ادارن ۾ مزدورن جي بيچئني ختم ڪئي وڃي