سجاول ۾ روينيو ملازمن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر وچ ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ ڇڪتاڻ جو نوٽيس

سجاول ۾ روينيو ملازمن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر وچ ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ ڇڪتاڻ جو نوٽيس

سجاول ۾ روينيو ملازمن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر وچ ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ ڇڪتاڻ جو نوٽيس

سجاول (گلشيرميربحر) سجاول ۾ روينيو ملازمن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول وچ ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ ڇڪتاڻ وڌڻ بعد ڊي سي سجاول ۽ اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي نوٽيس ورتو، ڌرڻي ۾ پهچي ملازمن وچ ۾ ڳالهيون ڪري 15 ڏينهن جي خاطري ڪرائي، سجاول ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر رضوان عالم شيخ پاران ملازمن کي مارڪٽ ۽ گارگند ڪرڻ خلاف آپڪا، آل روينيو ايمپلائيز ايسوسيئشن، آل روينيو لوئر اسٽاف ايسوسيشن، تپيدار ايسوسيشن ۽ آل ملازم اتحاد پاران آفيس جي تالا بندي ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري مختيار ڪار آفيس اڳيان ٽينٽ ھڻي ڌرڻو هنيو ويو جيڪو ٽي ڏينهن جاري رهڻ بعد اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ ڌرڻي واري جاءِ پهچي ڪري ملازمن سان ڳالهيون ڪري 15 ڏينهن جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ملازمن ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي يوسف ميربحر، غلام مصطفي هنگورجو، الطاف ملاح، آفتاب شاه،الطاف ميمڻ،ڪاشف ميمڻ، ۽ ٻين چيو ته اي سي سجاول رضوان عالم شيخ ملازمن سان بدڪلامي گارگند ۽ مارڪٽ ڪرڻ جي خلاف اسان جو ڌرڻو ٽي ڏينهن جاري رهيو جنھن کانپوءِ ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ اسان وٽ پهتو جنهن چيو ته مونکي 15 ڏينهن جي مھلت ڏيو آئون ان کي سمجهايان ٿو ان جي باوجود ھن پنهنجو رويو درست نه ڪيو ته آئون توهان سان هر معاذ گڏ رهندس، انھن وڌيڪ چيو ته اسان ڊي سي سجاول کي مان ڏيندي 15 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي ان جي باوجود انصاف نه ٿيو ته اسان ان جي خلاف ٻيهر تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪنداسين.: