English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سھيل اختر عباسي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو
views
|
21st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سھيل اختر عباسي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو
نوشهرو فيروز (ڊر) ضلعي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين سهيل اختر عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر قادر بخش ٺهراءُ پيش ڪيو ته ترقياتي ڪمن تي پابندي آهي جنهن سبب ترقياتي ڪم نٿا ٿي سگهن. اجلاس ۾ ترقياتي ڪمن تي پابندي هٽائڻ لاءِ متفقه ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر محمد الياس ٺهراءُ پيش ڪيو ته سنڌ حڪومت پاران ضلعي ڪائونسل جون سرڪاري گاڏيون قبضي ۾ ورتيون ويون آهن. جنهن سبب ضلعي ڪائونسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سرڪاري گاڏين کان محروم آهن، اجلاس ۾ متفقه ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت ضلعي ڪائونسل جون گاڏيون فوري طور واپس ڪري. اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر چوڌري شاهد علي آرائين فلسطين تي اسرائيل جي حملي خلاف ۽ فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، هن چيو ته اسرائيلي فوج هزارين مسلمان نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اتي تيل ۽ ٻيو سامان ضايع ڪيو ويو آهي. انساني جانيون بچائڻ جي فوري ضرورت آهي، ايوان ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف ۽ فلسطيني مسلمانن جي حق ۾ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ضلعي ڪائونسل ميمبر امير علي چانڊيو ضلعي ۾ زرعي ڀاڻن ۽ فصلن جي ٻج جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف ڪارروائي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ مجيب الرحمان تنيو ضلعي ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪندي ضلعي ۾ چيڪ پوسٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. چيئرمين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن ميمبرن کي چيو ته 20 لک روپين جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ پروپوزل تيار ڪن ته جيئن پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪم ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
12th May 2025
•
تازہ ترین
بھارتی فوج ہمیں دھمکیاں نہیں دے سکتی، ہم ملکی سالمیت کا دفاع بخوبی جانتے ہیں. آرمی چیف
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 مرڻينگ
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
ضلعي ڪائونسل جو اجلاس
0 تبصرے