شھيد ارشاد رانجھاڻي جي ڀاءُ منور جي گھر تي پوليس جي ڪاھ، ننڍي ڀاءُ کي کنڀڻ جي ڪوشش

شھيد ارشاد رانجھاڻي جي ڀاءُ منور جي گھر تي پوليس جي ڪاھ، ننڍي ڀاءُ کي کنڀڻ جي ڪوشش

شھيد ارشاد رانجھاڻي جي ڀاءُ منور جي گھر تي پوليس جي ڪاھ، ننڍي ڀاءُ کي کنڀڻ جي ڪوشش

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ ڪجھ سال اڳ قتل ٿيل ارشاد رانجھاڻي جي ڀاء منور رانجھاڻي جي گھر تي گذريل رات دير سان پوليس عملدارن چڙھائي پوليس عملدارن گھر جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي گھر ڀاتين کي حراسان ڪيو 15 مددگار پوليس جي اچڻ بعد آيل پوليس واپس رواني ٿي وئي، خبرموجب ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ ڪجھ سال اڳ قاتل رحيم شاھ ھٿان قتل ٿيل ارشاد رانجھاڻي جي ڀاء منور رانجھاڻي پنھنجي امڙ سڀياڻي ۽ ڀيڻ ثناء سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تـ گذريل رات دير سان ڪجھ پوليس وردي ۽ ڪجھ سول ڊريس ۾ ماڻھو اسان جي گھر جو دروازو کڙڪايو دروازو نـ کولڻ تي پوليس اھلڪارن گھر جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي اسان جي ننڍي ڀاء خالد رانجھاڻي کي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن بعد اسان 15 مددگار پوليس کي اھڙي واقعي جو اطلاع ڏنو سوشل ميڊيا تي پوليس جي اھڙي دھشتگردي لائيو ھلائي جنھن بعد پوليس اھلڪار واپس روانا ٿي ويا اسان ڍي معلوم ٿيو آھي تـ گذريل رات اسان جي گھر مٿان ڪيل چڙھائي ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس ملوث آھي ھنن چيو تـ قاتل رحيم شاھ جي آزادي کانپوء اسان ڪورٽ جي ٿيل فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آھي جنھن ۾ ڪيس ۾ اسان جو ڀاء خالد رانجھاڻي فريادي آھي ھنن چيو تـ قاتل بااثر ۽ تمام گھڻو طاقتور آھي پوليس ان جي ونگار وھي اسان کي حراسان ۽ تنگ ڪري رھي آھي اڳ بـ اسان جي ڀاء خالد مٿان 8 ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي تمام گھڻو تنگ ۽ پريشان ڪيو ويو وڃي ھنن چيو تـ آء جي سنڌ ايڊيشنل آءجي ۽ ٻيا ادارا پوليس جي اسان سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي