نوشھروفيروز ۾ عورت جو ڏيرن خلاف احتجاج، ملڪيت تي قبضي جو الزام

نوشھروفيروز ۾ عورت جو ڏيرن خلاف احتجاج، ملڪيت تي قبضي جو الزام

نوشھروفيروز ۾ عورت جو ڏيرن خلاف احتجاج، ملڪيت تي قبضي جو الزام

نوشهروفيروز( ڊ ر ) ڳوٺ نٿر ڏيٿا جي رهواسڻ مسمات خان زادي ڏيٿو پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاج ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي ته سندس مڙس شير علي ڏيٿوجي فوت ٿئڻ کان پوءِ سندس ڏير ملڪيت مٿان قبضو ڪري ويهي رهيا آهن هن چيو ته منهنجي مڙس تازو سارين جو فضل پاڻ پوکرايو هو جيڪو منهنجو ڏير دائود ڏيٿو هاري عبدالغني کوکر کي ڌاٻا ڏئي سمورو سارين جو فضل پاڻ کڻي ويو آهي جڏهن ته سندس مڙس جي ڀائرن علي شير جي فوت ٿيڻ جي خبر به کيس ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڌاي منهنجو مڙس پرائمري استاد هو اسان ٻنهي زال مڙس کي ڪو اولاد ڪون هو ان ڪري شير علي ڏيٿو سنڌ ڪالوني نوشهروفيروز ۾ مونکي جڳهه ٺهرائي اها منهنجي نالي ڪري ويو آهي ۽ ڳوٺ ۾ اسان جون 2 جڳهيون ٺهيل هيون ۽ زرعي زمين پڻ آهي جنهن جي مٿان منهنجي ڏيرن قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ افروز ۽ صديق گهر جي جاين تي قابض بڻيل آهن ۽ مونکي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ محمد دائود،حاجن،خالد ڏيٿو ۽ بهادر لانگاھ جيڪو ڏيٿو به سڏائي ٿو ٻيون ڪجهه عورتون جن ۾ افروز , زبيده سيما مونکي پنهنجي گهر مان ڪڍڻ جي لاءِ آيا هئا جن مونکي چيو ته جڳهه اسان جي آهي تون خالي ڪري نڪري وڃن جڏهن ته مان عورت ڪاڏي ويندس منهنجي ڏيرن جي ظلم کان مونکي بچايو وڃي مون کي منهنجي مڙس جي پينشن به نه ٿي ملي جڏهن ته زمين مان وڻ به ڪٽي کڻي ويا آهن هن سيشن جج نوشهروفيروز , ايس ايس پي ۽ ڊي سي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته مڙس جي مرڻ کان پوء مونکي مڙس وارو حق ڏياريو وڃي ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪندس,