ڪراچي واسڻ جو ميرپور ماٿيلو واسي اڳوڻي مڙس خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي واسڻ جو ميرپور ماٿيلو واسي اڳوڻي مڙس خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي واسڻ جو ميرپور ماٿيلو واسي اڳوڻي مڙس خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي واسڻ ثنا جو ميرپور ماٿيلو واسي اڳوڻي مڙس عبدالشڪور وسير خلاف احتجاجي مظاهرو، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪورنگي جي بلاول ڪالوني جي رهواسڻ ثنا اڳوڻي مڙس عبدالشڪور وسير خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي هن چيو ته منهنجي ميرپور ماٿيلو واسي عبدالشڪور وسير سان شادي ٿي جنهن مان چار ٻارن جو اولاد ٿيو پر مڙس عبدالشڪور وسير پاران گهر جا خرچ پورا نه ڪرڻ ۽ غلط صحبت ۽ نشئي هجڻ ڪري روز روز تشدد جو نشانو بنائيندو هو جنهن ڪري مان مجبور ٿي دارالامان ۾ پناهه ورتي، جتي منهنجي مائٽن معرفت مون عبدالمجيد وسير سان 6 جون تي شادي ڪئي، هاڻ منهنجي اڳوڻي مڙس کي واپس ڪيل ٻار سجاول، محمد رمضان، رمشا کي برادري ۽ علائقي جي ڇڱن ماڻهن جي روبرو واپس ڏنا جن جي ڪا خبر نه آهي ته هاڻ اهي ٽيئي ٻار ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهن جڏهن ته ننڍڙو حسن علي مون وٽ آهي، ڇاڪاڻ ته اڳوڻو مڙس ٻار نه پيو پالي سگهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ مون کي عبدالمجيد وسير سهارو ڏنو ڇاڪاڻ ته دارالامان ۾ مان پنهنجي ٻارن جي پرورش نه پئي ڪري سگهيس پر تنهن جي باوجود اڳوڻو مڙس عبدالشڪور وسير ٻارن کي خبر ناهي ڪيڏانهن گم ڪري هاڻ مڙس عبدالمجيد وسير تي بيگناه اغوا جا ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي, اڳوڻي مڙس عبدالشڪور وسير مان مڙس عبدالمجيد وسير ۽ ساهرن کي جان جو خطرو آهي، تنهن ڪري اعلي اختيارين اپيل آهي ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، انصاف ڪيو وڃي ۽ ٻارن جي زندگي تباهه ٿيڻ کان بچائي وڃي.