English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي سان ملاقات بعد سماجي اڳواڻ زاهده ابڙو ساٿياڻين سميت قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل
views
|
17th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي سان ملاقات بعد سماجي اڳواڻ زاهده ابڙو ساٿياڻين سميت قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سان لاڙڪاڻي جي سماج سڌارڪ زاهده ابڙو پنهنجي ساٿياڻين سميت ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آھي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي کين ڀليڪار ڪندي چيو تہ عورتن جو سياست ۾ ڪردار اھم آھي. سنڌ ۾ جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيرا شاھي جو نظام چاھي ٿو تہ عورتون قيد ھجن ۽ انھن جي زندگي غلامن واري ھجي. سنڌياڻي تحريڪ ڪالاباغ ڊيم،دھشتگردي، ڪرپشن ۽ ٻين منصوبن خلاف جدوجھدن جا تاريخساز مثال قائم ڪيا آھن. سنڌ جون عورتون، شاگردياڻيون سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿي خراب حڪمراني، ڪرپشن خلاف جدوجھد جي ميدان تي اچن. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئي ايم ايف جي شرطن تي معاشي پاليسيون جوڙي عوام جي چيلھ چٻي ڪئي وئي آھي. بجلي ۽ گئس تمام گھڻي مھانگي آھي. انھن جون قيمتون گھٽايون وڃن. گئس جا اگھ نہ وڌايا وڃن. ڪرپشن ملڪ جي معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. خراب حڪمراني جي قيمت غريب عوام ادا ڪري رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. عوام پيپلز پارٽي کي رد ڪري ٿو پر طاقتور ماڻھو دھشت ۽ پئسي جي زور تي اليڪشن مينيج ڪن ٿا. شفاف چونڊون نه ٿيڻ ڪري عوام جا حقيقي نمائندا ايوانن ۾ نٿا پھچ. ڪرپٽ حڪمران سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت جا سودا ڪن ٿا. مھانگائي غريب جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
حيدرآباد
سنڌ جون عورتون، شاگردياڻيون سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے