English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي سان ملاقات بعد سماجي اڳواڻ زاهده ابڙو ساٿياڻين سميت قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل
250 views
|
17th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي سان ملاقات بعد سماجي اڳواڻ زاهده ابڙو ساٿياڻين سميت قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سان لاڙڪاڻي جي سماج سڌارڪ زاهده ابڙو پنهنجي ساٿياڻين سميت ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آھي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي کين ڀليڪار ڪندي چيو تہ عورتن جو سياست ۾ ڪردار اھم آھي. سنڌ ۾ جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيرا شاھي جو نظام چاھي ٿو تہ عورتون قيد ھجن ۽ انھن جي زندگي غلامن واري ھجي. سنڌياڻي تحريڪ ڪالاباغ ڊيم،دھشتگردي، ڪرپشن ۽ ٻين منصوبن خلاف جدوجھدن جا تاريخساز مثال قائم ڪيا آھن. سنڌ جون عورتون، شاگردياڻيون سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿي خراب حڪمراني، ڪرپشن خلاف جدوجھد جي ميدان تي اچن. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئي ايم ايف جي شرطن تي معاشي پاليسيون جوڙي عوام جي چيلھ چٻي ڪئي وئي آھي. بجلي ۽ گئس تمام گھڻي مھانگي آھي. انھن جون قيمتون گھٽايون وڃن. گئس جا اگھ نہ وڌايا وڃن. ڪرپشن ملڪ جي معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. خراب حڪمراني جي قيمت غريب عوام ادا ڪري رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. عوام پيپلز پارٽي کي رد ڪري ٿو پر طاقتور ماڻھو دھشت ۽ پئسي جي زور تي اليڪشن مينيج ڪن ٿا. شفاف چونڊون نه ٿيڻ ڪري عوام جا حقيقي نمائندا ايوانن ۾ نٿا پھچ. ڪرپٽ حڪمران سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت جا سودا ڪن ٿا. مھانگائي غريب جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
حيدرآباد
سنڌ جون عورتون، شاگردياڻيون سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے