اڳوڻا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي اڃا تائين سرڪاري پروٽوڪول ۾ گھمن ٿا: اياز لطيف پليجو

اڳوڻا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي اڃا تائين سرڪاري پروٽوڪول ۾ گھمن ٿا: اياز لطيف پليجو

اڳوڻا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي اڃا تائين سرڪاري پروٽوڪول ۾ گھمن ٿا: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پ پ جا اڳوڻا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي اڃا تائين سرڪاري پروٽوڪول ۾ ھلي رھيا آھن. اڳوڻن وزيرن کان اڃا تائين گاڏيون ۽ گھر واپس نہ ورتا ويا آھن. نگران حڪومت پ پ حڪومت جو تسلسل ثابت ٿي آھي. پوليس ۽ ڊي سيز اڳوڻن وزيرن جي پٽن جي شادين جي ڊيوٽين ۾ مصروف آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اليڪشن ڪميشن اعلان ڪري ته سنڌ ۾ ڪا بہ اليڪشن نہ ٿيندي ۽ عوام جي حقيقي نمائندن جا نتيجا تبديل ڪري پ پ جي ڪرپٽ وڏيرن کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ جي ماڻھن سان غداري ڪئي وئي آھي. اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي عوام کي فقير بنايو ويو آھي. ھاري، پورھيت ۽ غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني لاءِ پريشان آھن. ڪروڙين ماڻھو بنيادي انساني حقن ۽ سھولتن کان محروم آھن. اقتداري وڏيرا ۽ وزير عوام جي وسيلن کي لٽي رھيا آھن ۽ قابض آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ شفاف چونڊون ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگھن ٿيون. زبردستي مسلط ڪيل حڪمران عوام لاءِ سوچڻ بدران صرف اقتداري ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا، جنھن ڪري اسين مسئلن ۾ جڪڙيل آھيون. مھانگائي، بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ محرومي عوام جا مقدر بنايا ويا آھن. ماڻھو تعليم جي حق کان محروم آھن. صحت ۽ بھتر علاج کان محروم آھن. امن امان خواب بڻيل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نگران حڪومت عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏئي. شفاف چونڊون يقيني بنائڻ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪيو وڃي.