نوشھروفيروز ۾ ھندو برادري پاران درٻار صاحب بابا جمناداس اداسين ۾ پوڄاپاٺ ۽ تقريب منعقد

نوشھروفيروز ۾ ھندو برادري پاران درٻار صاحب بابا جمناداس اداسين ۾ پوڄاپاٺ ۽ تقريب منعقد

نوشھروفيروز ۾ ھندو برادري پاران درٻار صاحب بابا جمناداس اداسين ۾ پوڄاپاٺ ۽ تقريب منعقد

نوشهرو فيروز(ڊ ر) چنڊ ڏينهن جي خوشيءَ ۾ هر مهيني جيان درٻار صاحب بابا جمناداس اُداسين نوشهرو فيروز ۾ پوڄا پاٺ ۽ خصوصي تقريب ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي درٻار صاحب جي گادي نشين سائين رام داس صاحب چيو ته ٻارنهن ئي مهينن جي چنڊ واري پهرين رات اسان لاءِ خوشي ۽ دعائن ڏيڻ جي رات هوندي آھي جنهن ۾ اسان سڀني کي دعائون ڏيئي انسانيت جو درس ڏيندا آھيون، اهو سلسلو تمام قديمي آھي. سيٺ گُرمکداس چيو ته درٻار صاحب پاران هر چنڊ رات اسان کاڌو پيتو تيار ڪري گهرن ۾ پهچائيندا آھيون جيئن مسلمان ڀائر هجري سال کي قمري سال به سڏيندا آھن ۽ ٻارهن مهينن ۾ محرم، صفر، ربيع الاول، ربيع الثاني، جمادي الاول، جمادي الثاني، رجب، شعبان، رمضان، شوال، ذوالقعد ۽ ذوالحج جي هر مهيني جي مقدس ڏهاڙن کي ملهائيندا آھن ائين اسان به ملهايون ٿا پر چنڊ رات به اسان لاءِ اهميت واري آھي.