ڪينجهر ويجھو بوائز پرائمري اسڪول سليمان مير بحر مسئلن جي ور چڙھيل

ڪينجهر ويجھو بوائز پرائمري اسڪول سليمان مير بحر مسئلن جي ور چڙھيل

ڪينجهر ويجھو بوائز پرائمري اسڪول سليمان مير بحر مسئلن جي ور چڙھيل

ٺٽو ( ڊر) ڪينجهر لڳ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول سليمان مير بحر انيڪ مسئلن جي ور چڙھيل، اسڪول جو مرمتي ڪم سالن کان رولڙي جو شڪار، فرنيچر جي کوٽ هئڻ ڪري شاگرد پٽ تي ويهي تعلي پرائڻ تي مجبور. تفصيل موجب گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول سليمان مير بحر انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل اسڪول جو مرمتي ڪم سالن کان رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار لاپتہ، ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تہ اسڪول جو مرمتي ڪم ڪيترن ئي سالن کان رولڙي جو شڪار آهي، ٺيڪيدار اسڪول جو هلندڙ ڪم اڌ ۾ ڇڏي لاپتہ ٿي ويو آھي، جنهن کي ڪيترا ئي سال گزرڻ کانپوءِ بہ اسڪول جو مرمتي ڪم هلي ناهي سگهيو، اسڪول ۾ فرنيچر جي تمام کوٽ هئڻ ڪري ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آھن، اسڪول ۾ ليڊي ٽيچر نہ هئڻ ڪري نياڻيون بہ ڇوڪرن سان گڏ پڙھي رهيون آھن ان کان علاوه اسڪول ۾ گهربل اسٽاف نہ هئڻ ڪري اسڪول جي سفائي سٿرائي وارو سمورو ڪم ڪار شاگرد ئي ڪن ٿا ۽ اسڪول جو چوڪيدار نہ هئڻ ڪري اسڪول مان ڪيترا ئي ڀيرا چوريون بہ ٿي چڪيون آھن ان کان علاوه اسڪول ۾ سالن کان واشروم جي بہ مرمت ناهي ٿي سگهي، ڳوٺاڻن تعليم کاتي ضلعي ٺٽي ۽ سڀني وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي تہ اسان جي اسڪول جو مرمتي ڪم جلد ڪرائي اسڪول ۾ گهربل اسٽاف ڏياري شاگردن جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.