سجاول ۾ اڳوڻي ايس ڊي او ريوا چند جي گھرڀاتين پاران ڊي سي آفيس ٻاھران احتجاج
سجاول(رپورٽر) سجاول ۾ 76 سالن کان رھندڙ سابقا ايس ڊي اي او ريوا چند جي گھر ڀاتين پاران تعميراتي ڪم بند ٿيڻ ۽ انتظاميا پاران گھر سيل ڪرڻ خلاف ڊي سي آفيس سجاول ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انھيءَ موقعي تي سابقہ ايس ڊي او سائين ريوا چند جون پوٽيون ۽ سندس نونھن لاجونتي ٻائي الزام ھڻندي چيو ته ھنڌو پنچائت جي صدر ڊاڪٽر ھوت چند اسان جي گھر جو تعميراتي ڪم بند ڪرائي اسان کي ڊي سي سجاول جو نوٽيس ڏياري اسان جي گھر کي سيل ڪرايو ويو آهي ھنن چيو تہ ھنڌو پنچائت وارا چون ٿا اھو مندر جو پلاٽ آھي اسان ڪا اڏاوت ڪرائڻ ڪون ڏينداسين اسان کي مندر لاء اوھان جي گھر مان گس ڏيو اسان ڊي سي سجاول سان ملاقات ڪئي آھي اسان جو گھر جو جائزو ورتو وڃي ته اسان سالن کان اتي رھندڙ آھيون جڏھن ته نياڻين جو چوڻ ھو تہ اسان پنھنجي گھر مان مندر طرف اچ وڃ جو گس ڪيئن ڏينداسين اسان اڳوڻي ھنڌو پنچائت جي صدر ماڌو داس کان گھر جو تعميرات ڪرائڻ جي حوالي سان اجازت نامو پڻ ورتو ھو جيڪو اسان وٽ موجود آھي تنھن کان پوء اسان اھو تعميراتي ڪم ڪرايو ھاڻ اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي اسان جي والد جو پڻ ذھني توازن صحيح ناھي اسان ان سلسلي ۾ اڄ ڊي سي سجاول سان پڻ ملياسين جن اسان کي چيو آھي ته اھو اوھان جو مسئلو آهي پاڻ ۾ وڃي حل ڪريو اسان کي مسلسل پريشان ڪيو پيو وڃي اسان وس وارين ڌرين کي اپيل ٿيون ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسين،مقامي ماڻھن جو چوڻ آهي ته سابقا ايس ڊي او سائين ريوا چند ڪافي سالن کان اتي رھندڙ آھي مندر جو گس ٻئي طرف کان موجود آھي ھنڌو پنچائت پاڻ ۾ گڏجي مسئلي کي برادري ۾ حل ڪري ۽ ريوا چند جي فيملي کي تعميراتي ڪم کي ٻيھر بحال ڪري انھن جي فيملي دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي
0 تبصرے