ميرپورساڪرو جي ڳوٺ علي محمد جت جي رھواسين جو سھولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

ميرپورساڪرو جي ڳوٺ علي محمد جت جي رھواسين جو سھولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

ميرپورساڪرو جي ڳوٺ علي محمد جت جي رھواسين جو سھولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

ٺٽو(شفيق ڀٽي) تعلقي ميرپور ساڪري جي يونين ڪائونسل حاجي گهراڻو ديهه پٽ مڙو جو مشھور ڳوٺ علي محمد جت ڪوسٽل هاءِ وي هن جديد دور ۾ بنيادي سهولتن کان محروم آهي نه لائيٽ، نه پيئڻ جو صاف پاڻي، نه ڊسپينسري، ۽ نه وري اسڪول مطلب ته ڪا به سهولت ميسر ناهي، ڳوٺاڻن حيدر جت، اصغر جت علي محمد جت، رفيق جت، جمن جت، مصطفي جت، غلام جت، عمر جت سميت ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ علي محمد جت جي اسڪول مشرف جي شروعاتي دور ۾ ٺهي اسڪول ۾ ٺيڪيدار ناڪاره مٽيريل استعمال ڪيو، اسڪول جلدي زبون حال جو شڪار ٿي وئي، اسڪول جي ڇت ڪري پٽ پئجي وئي ۽ بنياد مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي، اسڪول ۾ ديوي جا وڻ موري ويا آهن، ڪافي سالن کان وٺي اعلي اختيارين کي بار بار شڪايتون ڪيوسين ۽ درخواستون پڻ ڏنيوسين پر ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو ۽ نه وري انتظاميان جي ڪن تي جُو به نه سُري، انهن جو جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر دور ۾ اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ديهه پٽ مڙو جو ڳوٺ علي محمد جت جا 100 هڪ سئو کان وڌيڪ شاگرد آهن ۽ ٻين ڪافي ڳوٺن جا معصوم ٻارڙا اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ ايندا هئا پر هن جديد دور ۾ اسان جي ڳوٺ جي اسڪول زبون حال جو شڪار ٿي وئي آهي ڪنهن به ٽائيم تي ڌماڪي سان ڪري پٽ پئجي ويندي جنهن ڪري اسان جي ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن جا معصوم گلن جهڙا معصوم ٻارڙا سون جهڙي تعليم جي زيور کان محروم ٿي ويا آهن اسان ڳوٺاڻا تعليم سان لاڳاپيل ادارن توڙي انتظاميه کي پرزور اپيل ڪيون ٿا ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي ته اسان جا معصوم گلن جهڙا ٻارڙا تعليم پرائي سگهن، ۽ ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.