سنڌ جا نوجوان ميرٽ ذريعي مقابلو ڪري اڳتي اچن. تعليم کانسواءِ اسين اڳتي نٿا وڌي سگھون: اياز لطيف پليجو

سنڌ جا نوجوان ميرٽ ذريعي مقابلو ڪري اڳتي اچن. تعليم کانسواءِ اسين اڳتي نٿا وڌي سگھون: اياز لطيف پليجو

سنڌ جا نوجوان ميرٽ ذريعي مقابلو ڪري اڳتي اچن. تعليم کانسواءِ اسين اڳتي نٿا وڌي سگھون: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو)حيدرآباد ۾ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ طرفان قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. قاسم آباد ۾ پارٽي جي مرڪزي آفيس ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جي موقعي تي اياز لطيف پليجو پڻ شريڪ ٿيو. ان موقعي ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر رفيعہ اشرف پليجو، صبا سمون، ماريہ مڱريو، ھميرہ اختر ۽ ٻيون اڳواڻ موجود ھيون.ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا نوجوان ميرٽ ذريعي مقابلو ڪري اڳتي اچن. تعليم کانسواءِ اسين اڳتي نٿا وڌي سگھون. پ پ ڪرپشن، اقربا پروري، زمينن تي قبضن، غريب عوام سان ظلم ۽ وسيلن جي نيلامي کي جھموريت جو نالو ڏنو آھي۔ سرداري ۽ جاگيرداري نظام بنيادي انساني حقن جو ڌاڙيل نظام آھي۔ ظالم سردار ۽ جاگيردار تعليم آڏو رڪاوٽ آھن۔ اسڪولن کي اوطاقون، مال جو وٿاڻ ۽ ڀانڊا بنايو ويو آھي۔ قبيلائي نظام ۾ روڊ، ڊرينيج، واٽر سپلائي ۽ ٻيون سھولتون نٿيون ڏنيون وڃن۔ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مرضي جي خلاف روڊ نٿا ٺھن، اسڪولن ۾ استاد ڊيوٽيون نٿا ڪن۔ عوام جي دولت کي حصا پتي ڪري لٽيو وڃي ٿو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي عوام دشمن سردارن ۽ جاگيردارن جي سرپرست بنيل آھي۔ جنھنڪري گذريل 15 سالن جي حڪمراني ۾ سنڌ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ ترقي، امن ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي نہ وڌي سگھي۔ معصوم پريا، عمران جوکيو ۽ فضيلا سرڪي اغوا آھن۔ فاطمه ڦرڙو ۽ ٻيا ٻار زيادتين بعد بي رحمي سان قتل ڪيا ويا. وارثن ۽ عام ماڻھن جي وڏن احتجاجن باوجود معصوم نياڻيون ۽ نوجوان بازياب نٿا ڪرايا وڃن۔ ناظم جوکيو، فھميده سيال، دودو ڀيل، عثمان سومرو، قرت العين ۽ ٻين خونن سان انصاف نہ ٿيو۔ قانون صرف غريب ماڻھن لاء آھي۔ سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن کان ڪو بہ پڇڻ وارو ناھي۔ اھي ڀلي ڪيترا بہ خون ڪري ڇڏين۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ تيل مھانگو ھجڻ ڪري غريب عوام 2 وقت جي ماني لاء پريشان آھي۔ پاڻي کوٽ، زرعي تباھي، بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري غربت وڌي وئي آھي۔