سجاول جو صحافي، اديب ۽ شاعر امداد پٺاڻ بيماري سبب بستري ڀيڙو

سجاول جو صحافي، اديب ۽ شاعر امداد پٺاڻ بيماري سبب بستري ڀيڙو

سجاول جو صحافي، اديب ۽ شاعر امداد پٺاڻ بيماري سبب بستري ڀيڙو

سجاول (گلشيرميربحر ) سجاول جو سينيئر صحافي ۽ اديب ۽ شاعر امداد پٺاڻ بيماري جي بستري تي داخل ٿي ويو. اطلاعات کاتي ۽ صحافتي تنظيمن صحافي امداد پٺاڻ کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو، صحافين پاران بيمار صحافي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي. سجاول جو سينيئر صحافي ۽ مشھور شاعر ۽ اديب امداد پٺاڻ گذريل ڪيترن ئي ھفتن کان بيماري جي بستري تي داخل ٿي ڪسمپرسيءَ جا ڏينهن گزارڻ تي مجبور بڻجي ويو آھي. بيمار صحافي پنھنجي علاج جي خرچ لاءِ پريشان بڻيل آھي پر صحافين جي حقن جون علمبردار تنظيمون ۽ سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي ڪنن تي جونء بہ سرڻ لاءِ تيار نہ آھي. جڏھن تہ اديب ۽ شاعر ھجڻ جي ناتي ثقافت کاتو سنڌ پڻ اکيون پوري ويٺل آھي ۽ صرف من پسند اديب ۽ شاعرن کي نوازڻ ۾ مصروف آھي پر غريب اديب ۽ شاعرن جي سار لھڻ لاء تيار نہ آھي. سجاول جي صحافين اطلاعات کاتي ۽ ثقافت کاتي سنڌ سميت صحافين جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته سجاول جي بيمار صحافي امداد پٺاڻ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ سندس زندگي بچائي وڃي.