پي ڊي ايم ٽٽي چڪي آھي جنھن جو اعلان مولانا فضل الرحمان پاڻ ڪري چڪو آھي: نثار احمد کهڙو

ن ليگ ۽ مولانا صاحب پنهنجي سياست سان اليڪشن وڙهندا ڪو به اتحاد ناھي

پي ڊي ايم ٽٽي چڪي آھي جنھن جو اعلان مولانا فضل الرحمان پاڻ ڪري چڪو آھي: نثار احمد کهڙو

راڻيپور. پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آھي ته پير آف راڻيپور مرحوم پير ابل سائين هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ هيو
پي ڊي ايم ٽٽي چڪي آھي جنھن جو اعلان پي ڊي ايم سربراھ مولانا فضل الرحمان پاڻ خد ڪري چڪو آھي
پي ڊيم ايم ان ڪري ٺاھي وئي هئي ته پي ڊي ايم ۾ شامل سڀ پارٽيون گڏجي ڪري پي ٽي آء جي حڪومت کي ڊاھي سگهجي
ن ليگ ۽ مولانا صاحب پنهنجي سياست سان اليڪشن وڙهندا ڪو به اتحاد ناھي
راڻيپور ۾ پير ظھور احمد شاھ المعروف ابل سائين جي لاڏاڻي تي سندس پٽن پير عمران شاھ پير مٺا سائين سان تعزيت ڪرڻ بعد درگاھ غوثيه تي حاضري ڀري مزار تي چادر چاڙھي ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ اليڪشن جي تاريخ سڀني ادارن متفق ٿي ڪري ڏني آھي سپريم ڪورٽ ان تاريخ جي سپورٽ پڻ ڪئي آھي ھاڻي پڪ آھي ته اليڪشن ڪميشن مقرر تاريخ تي اليڪشن ڪرائينندي
پيپلزپارٽي پنهنجي عوام وٽ وڃي ووٽ وٺندي جيڪو عوام جي دلين ۾ هوندو اهوئي سوڀارو ٿيندو
اليڪشن ڪميشن اليڪشن شيڊول جو اعلان ڪندي پوء پيپلزپارٽي پنهنجي اميدوارن جون ٽڪيٽون جاري ڪندي
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ اليڪشن مهم جو آغاز ڪيو ويندو شھيد راڻي بينظير ڀٽو جو اڪابر ۽ عقل مند داناء سياسي ليڊر عوام جي دلين تي راج ڪندڙ بلاول ڀٽو پوري پاڪستان ۾ اڪثريت سان سيٽون حاصل ڪندو
پنجاب ۾ پنهنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاء پنجاب جي عوام جي سپورٽ حاصل ڪندو
ماضي ۾ ن ليگ جو ڪردار سنڌ جي عوام جي سامهون آھي جنھن ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ نفرت پيدا ڪئي
ملڪ ۾ غير ملڪي ماڻھو رهن ٿا جنهن ۾ افغاني برمي بنگالي شامل آھي پيپلزپارٽي سپريم ڪورٽ ۾ افغانين کي نيڪال ڪرڻ خلاف نه وئي آھي پر هڪ فرد فرحت الله بابر ويو آھي
ان سان پارٽي نه وئي آھي اسان چئون ٿا ته جيڪي افغاني هت ڄاوا آھن انھن جي لاء ڪو الڳ قانون هجڻ گهرجي